ڪراچي ۾ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ مڙس ڪارنهن الزام هيٺ زال کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته جھيڙي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، گلشن اقبال ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 2 جي علائقي ڊي اي بي ايس اسڪولنگ سسٽم جي ڇت تان 26 ورھين جي عورت صائما بي بي زال سرفراز جو ڳلو ڪپيل لاش مليو، اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ  جناح اسپتال منتقل ڪيو، ايس ايس پي ايسٽ جي ترجمان موجب اطلاع ملندي ئي پوليس  بروقت ڪارروائي ڪندي قتل ۾ ملوث جوابدار سرفراز احمد ڇري سميت گرفتار ڪري ورتو آهي شروعاتي جاچ جي دوران ان پنهنجي زال کي گھريلو تڪرار تان قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

  1. عمرايوب ۽ بئريسٽر گوهر جي آمريڪي وفد سان ملاقات نه ڪرائي وئي

اسلام آباد(م ڊ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات دوران اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر بدران عاطف خان ۽ ڊاڪٽر امجد کي گهرائڻ تي اسپيڪر اياز صادق کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي،هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻن کي نه گهرائڻ اسپيڪر جي بدنيتي آهي،هوڏانهن عاطف خان چيو ته مون کي خبر ناهي ته بئريسٽر گوهر ۽ عمرايوب کي گهرايو ويو هو يا نه؟منهنجي سامهون عمران خان سان ملاقات جي حوالي سان ڳالهه نه ٿي نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه ٿي ته ڪانگريس ميمبر عمران خان سان ملڻ چاهين ٿا،هوڏانهن بئريسٽر گوهر چيو ته آمريڪي وفد سان ملاقات لاءِ نه رابطو ٿيو نه ڪارڊ آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.