ڪراچي(رپورٽر)صحت کاتي موجب، پهرين جنوري کان 11 اپريل تائين سنڌ ۾ مليريا جا 16،733 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته جنوري کان 11 اپريل تائين ڪراچي مان مليريا جا 186 ڪيس رپورٽ ٿيا، صحت کاتي موجب مليريا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ 72 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملير ضلعي ۾ 62 ، اولهه ضلعي ۾ 29 ڪيس، ڪورنگي ضلعي ۾ 16 ڪيس، اوڀر ضلعي ۾ 5 ڪيس،سينٽر ضلعي ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اهڙي1559 ڪيس، لاڙڪاڻي ڊويزن مان مليريا جا 5136 ڪيس، ميرپورخاص ڊويزن مان مليريا جا 1282 ڪيس ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن مان مليريا جا 1984 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.