نيو يارڪ (رضا رومي) زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي ماهر ڊاڪٽر حامد جليل موجب اسان جي زراعت ۾ سوئل (مٽي) بلڪل ناڪارا آهي، پاڪستان جي سوئل ۾ سراسري طور هڪ سيڪڙو کان گهٽ آرگينڪ مادو آهي جيڪو 2 سيڪڙو کان وڌيڪ هجڻ گهرجي. ٻئي پاسي ٻجن جو معيار ٺيڪ ناهي. ڪڻڪ جو مثال وٺجي ته جيڪو سرٽيفائيڊ ٻج گهربل هوندو آهي اهو رڳو ڏهائي 5 سيڪڙو ملي ٿو، يعنيٰ هارين وٽ سرٽيفائيڊ ٻج ئي ناهي، ان سان پيداوار وڌي نٿي سگهي. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪاٽن زون هوندو هو جنهن تي هاڻي ڪمند ۽ چانورن جي والار آهي، هاري اهو پوکيندو جنهن ۾ کيس فائدو ٿيندو. آئين موجب صوبا بين الصوبائي واپار تي پابندي نٿا هڻي سگهن، جيڪڏهن وفاق کي ائين ڪرڻو آهي ته سي سي آءِ مان منظوري وٺڻي پوندي. جڏهن اوهان سپورٽ پرائيس کي ختم ڪريو ٿا ته ان شئي کي ڏسڻو آهي. ڪڻڪ جو فصل لهندي ئي اعلان ڪيو وڃي ٿو ته پنجاب مان ڪڻڪ ٻاهر نه ويندي، اها آئيني ڀڃڪڙي آهي، هارين کي آزادي هجڻ گهرجي ته هو جتي وڻي ان کي وڪڻي. ان سان هارين جو نقصان ٿئي ٿو، هو ڪٿي وڪرو ڪندو؟ جڏهن هو ذخيرو ڪندو ته ان کي ٻاهر ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. چولستان هاءِ ويليو هارٽيڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ قدرتي زون آهي، اتي اهي شيون ڪرڻ گهرجن، ڇو ته اتي پاڻي ناياب آهي. ماهرن جي گڏجاڻي ۾ ڪئنالن جي ڳالهه ٿي پر اوهان کي جيڪو به ڪرڻو آهي اهو 91ع ٺاهه موجب ۽ سي سي آءِ جي منظور ٿيل واٽر پاليسي موجب ڪرڻي آهي. هر صوبي کي پنهنجي حصي مان پاڻي کڻڻو آهي پر ان ۾ به اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته گهٽ پاڻي جاءِ تي هليو وڃي. ورلڊ بينڪ جي منصوبن ۽ ماهرن جي هڪ ڪانفرنس ۾ ماهرن جي راءِ هئي ته اوهان جيڪي ڪئنال ڪڍي رهيا آهيو، اهي ڪئنال نه ڪڍو، ان جي بدلي، سنڌ ۽ ستلج جو ريچارج ايبل واٽر، انڊر گرائونڊ واٽر کي ڪڍو ۽ اهو ڪئنالن ۾ وجهو ۽ پائپ لائن ذريعي جتي کڻي وڃڻو آهي کڻي وڃو. ان سان اهو ٿيندو ته جيڪو پاڻي موجود آهي اهو نه گهٽجندو. بلوچستان نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ فروٽ باسڪيٽ آهي. ملڪ جو 44 سيڪڙو علائقو بلوچستان آهي، پر زراعت ۾ ان جو حصو 4 کان 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ناهي. اها 15 کان 20 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي ٿي. مثال طور تربت ۽ خضدار ۾ جڏهن ڪوشش ڪئي وئي ته اتي وڏي پئماني تي آرگينڪ ڪپهه جي پوکي ٿئي ٿي. ان جي پيداوار به پنجاب کان ٻيڻ تي آهي. بلوچستان ۾ لو ڊيلٽا ڪراپس ۽ هاءِ ويليو فروٽ ايريا آهي. اهڙي ريت لورالائي ۾ اولو آئل جو پراجيڪٽ ٿيو هو جيڪو پڻ وڏي پئماني تي ڪامياب هو. اسان کي اتي 10 کان 15 سالن جو پاڻي جو منصوبو آڻڻو پوندو جيئن پوٽوهار ۾ ڊيم ٺاهيا ويا هئا. بلوچستان ۾ اهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو. بلوچستان ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي ذريعي ٻج پوکي سگهجن ٿا، لائيو اسٽاڪ تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. ٻيلن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. سنڌ هڪ ڪٽنب جو نالو آهي، پاڪستان تمام سٺو نالو آهي پر مان پاڪستان جو متبادل نالو رکان ته سنڌوستان رکان ها. بنيادي طور تي ڪي پي، بلوچستان، پنجاب سمورو سنڌ جو علائقو آهي. سنڌ جو حق سڀني تي آهي، ائين ناهي ته رڳو سنڌ ۽ پنجاب چون ته اسان جو حق آهي. ڪي پي ۽ بلوچستان جو به حق آهي، اسان ان کي بهتر طريقي سان مئنيج ڪريون ته ڪم ڪري سگهجي ٿو. بلوچستان اوهان جو مستقبل جو فوڊ سڪيورٽي زون هوندو. زرعي مارڪيٽ جي حوالي سان پرائيويٽ مارڪيٽ ۾ اڳ کان ڏکيو قانون آندو ويو ته لائسنس وٺڻو پوندو ۽ ٻيون اهڙيون شيون هيون جو ڏکيائي ٿي وئي. اسان جو خدشو هو ته اوهان هاري کي اجازت ڏيو ته اهو وڪرو ڪري. اوهان کي مارڪيٽ ڪميٽي وڃڻو پوي ٿو، اوهان اتي حصو ڏيندا ۽ پوءِ محدود هنڌن تي وڪرو ڪندا. خريدار کي شيون مهانگيون ملن ٿيون، وڪرو ڪندڙ کان سستي اگهه تي ورتيون وڃن ٿيون وچ ۾ ماڻهو آهن جن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪير تيار ناهي. ان ۾ سياسي تحرڪ ناهي. هن ڀيري ڪڻڪ جي 16 سيڪڙو ايراضي گهٽي آهي، اڳتي هلي اڃا گهٽجي ويندي. اوهان کي سموري نظام کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪڻڪ جي گهٽ پيداوار ٿي ته اها گهرائڻي پوندي ۽ ان لاءِ پيدا گهربل هوندا. زراعت 18هين ترميم کانپوءِ صوبائي معاملو بڻجي چڪو آهي واري سوال جي جواب ۾ زرعي ماهر چيو ته ملڪ ۾ پاليسي نالي ڪا شئي ناهي، جيڪڏهن آهي ته ان تي عمل ناهي ٿيندو، گرين پاڪستان انيشيئٽو ۽ چولستان معاملو ڇا ڪو صوبائي معاملو آهي؟ پاڪستان ۾ ته آئين کي آئين نٿو مڃيو وڃي. جنهن وٽ طاقت آهي، اهو ئي هلي رهيو آهي.