ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ تيز ٿي وئي،مظاهرن جو سلسلو جاري،خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌو دريا تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ، جسقم جي ڪارڪنن جو هٿن ۾ پادر کڻي انوکو احتجاج ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ جي خلاف سنڌي ٻولي جي مزاحمتي شاعر قاضي احمد ٻانڀڻ جي نالي سان ٺهيل يادگار ڪاميٽي،سول سوسائٽي جي طرفان شهر جي اسٽيشن روڊ کان سينئر صحافي عرفان ٻگهيو ، يادگار ڪاميٽي جي سربراھ قاضي شمس ٻانڀڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،جسقم جي ڪارڪنن شهر جي الفتاح چوڪ کان جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ، صوفي حامد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي هٿن ۾ پادر کڻي انوکو احتجاج ڪندي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ، مظاهرين چيو ته سنڌو دريا تي جيڪو به پاڻي جو داڙو هڻندو ان کي سنڌ جو عوام پنهنجو پرامن احتجاج ڪندي پادر هڻندو ،سانگهڙ ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، رفيق جلالاڻي،جبار جوڻيجو،اقبال مگسي،ممتاز مگسي،سليم ڏاھري،علي جڙيو مگسي،احسان علي شر،اظھار لغاري،محمد خان سھتو،نظير سولنگي،جعفر بروھي،راجه حڪيم سنڌي،وسيم سنڌي،شاھد گل اوڏ،جلال ٻرڙو،عاشق سنجراڻي،نزاقت سنجراڻي،علي حسن مشوري، حميد بروھي،رشيد بروھي،ممتاز ڀرڳڙي زخمي،معشوق ڪيريو،عالم سنجراڻي جي اڳواڻي سوين ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌو درياء تي ڪئنال نامنظور جا نعرا ھنيا ويا ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته سنڌو دريا سنڌ جي جياپي جو مسئلو آھي هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي(شھيد ڀٽو) ليڊيز ونگ حيدرآباد پاران سنڌو درياھ تي ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ملٽي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف نجما سوھو، رشيدا ڪنڀر، زاھرا سولنگي، نازش سوھو، بشيران ڏيٿو، ريحانا مڱڻھار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ھنن چيو ته حڪمران ڪئنال رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ وارا منصوبا فوري طور واپس وٺن. هن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ فيصلن سبب سنڌ ۾ به هاڻ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جهڙيون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن، سندس چوڻ هو ته اسان تيستائين خاموش نه ٿينداسين، جيستائين ڪئنال رٿا کي مڪمل رد ڪري سرڪاري سطح تي ان رٿا کي ختم ڪرڻ جو اعلان نٿو ڪيو وڃي،ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ آل پاڪستان ڪورائي اتحاد طرفان سنڌو درياھ مٿان نوان تڪراري ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ريلي ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ، بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن اياز ڪورائي، جاويد ڪورائي، محمد اسحاق، علي گل، نادر ڪورائي، عارف ڪورائي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاران زبردستي سنڌو درياھ تي نوان تڪراري ڪئنال تعمير ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن خيرپور ۾ جسقم شھيد بشير خان گروپ جي سڏ تي سنڌو دريا مان 6 غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ جي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلام جي خلاف الله وارو چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ اياز راڄپر احسان سيال اسد عمراڻي رحمان تڳر عزيز ابڙو ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌو ڌريا تي ٺهندڙ نون 6 غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪريون ٿا،سجاول ۾ جسقم بشيرخان قريشي طرفان ريلي ۾ محمد خان پٺاڻ، منظور ميمڻ، ممتاز ساند ايوب کوسو نظير لغاري سميت وڪيل برادري سلطان کوسو، عاشق حسين کوسو، زاهد کوسو، شاعر اياز امر شيخ، خالد سمون، لالا ياسر ڀان، ڊاڪٽر هوت چند ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن مٿان سنڌو تي نوان ڪينال اڏڻ سان سموري سنڌ تباه ۽ برباد ٿي ويندي،ٻئي پاسي پاڪستان ڪسان رابطه ڪميٽي جي ملڪ گير احتجاجي سڏ ھاري جدوجھد ڪميٽي ضلع شڪارپور طرفان مرڪزي ڪنوينر علي کوسو ،عرفان دل ،منظور کوسو ،عبدالوھاب دل،مشرف کوسو، غمٺار دل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سکر لاڙڪاڻو روڊ نئي پل بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ ھارين شرڪت ڪئي ، مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت گرين انيشيٽو پروگرام تحت ملڪ جون غير آباد لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪري ڇڏيون آھن ، جن کي آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال سميت ٻيا ڪئنال ٺاھيا پيا وڃن ، جڏھن ته سنڌو درياءَ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آھي،هنن چيو ته ھڪ طرف حڪومت ملڪ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڪمپنين کي ڏيڻ سان گڏ ڪئنال ڪڍي رھي آھي ۽ وري ٻي طرف ھارين کي معاشي طور تباھ ڪري رھي آھي،هوڏانهن ڄامشورو ڀرسان لوڻي ڪوٽ ۾ ڪوهستان عوامي اتحاد ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي حيدرآباد جي سڏ تي وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ايس يو پي اڳواڻ غفار چانڊيو، خدا بخش ٿيٻو، ڪوهستان عوامي اتحاد اڳواڻ محمد بخش مري، ڪامريڊ وڏيرو نياز کوسو، باغي جي ايم شورو، خالد لاشاري، فقير اشرف شورو، نورل کوسو، سومار کوسو، شير زمان شورو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به تڪراري ڪئنال جو منصوبو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ زمينون مقامي آبادگارن کي ڏنيون وڃن،