حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي چيو ته پاڻي جي جنگ اسان لاءِ موت ۽ زندگي جي جنگ آهي، ھينئر کان ئي سنڌ ۾ ڏڪار واري حالت آهي، وري ڪينال ٺاھيا پيا وڃن، جنهن سان سنڌ تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته سامونڊي پٽيءَ ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، اسان جي جدوجهد ڪينالن خلاف جاري رھندي. ساس جي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل چيو ته پاڻي واري معاملو ھر فرد لاءِ جنگ بڻجي ويو آهي، سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، اسان آخري ساھ تائين پاڻي خاطر جھيڙو ڪنداسين ۽ وفاق جا ناپاڪ ارادا قبول ٿيڻ نه ڏينداسين. نامياري اديب يوسف سنڌي چيو ته ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪئي وئي آهي، وري مٿان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون غير آباد ٿي وينديون. علي آڪاش چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ رھي آهي، وفاق سنڌ سان سدائين ناانصافيون ڪيو آهن،خالده ذوالفقار چيو ته جڏهن کان پاڪستان ٺھيو آهي، تڏهن کان پنجاب سنڌ جي وسيلن تي قابض رھيو آهي، اسين عورتون به سنڌ جي پاڻي واري معاملي تي جان ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته وفاق ۽ پنجاب سدائين سنڌ جي حقن جي سوديبازي ڪئي آهي، سمورا وسيلا ڦرڻ بعد هاڻي کين درياهه ھٿ آيو آهي، جنهن جو پاڻي ھو چوري ڪندا، پر اسان کين ڪڏهن ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين. نامياري وڪيل روشن چانڊيو چيو ته اسين وڪيل ھر وقت سنڌ جي عوام سان گڏ آھيون، اسين حيدرآباد جا وڪيل بلاول ڀٽو زرداري کي جلسي ۾ اچڻ کان ٽول پلازه وٽ کيس روڪينداسين ۽ پڇنداسين ته توهان سنڌ جو پاڻي ڇو کپايو آهي. نامياري اديب تاج جويو چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي 54 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي،