آرمي چيف سان آمريڪي وفد جي ملاقات، مختلف معاملن تي غور

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سان آمريڪي ڪانگريس جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. آئي ايس پي آرموجب آمريڪي وفد جياڳواڻي ڪانگريس ميمبر جيڪ برگ مين ڪئي، جنهن ۾ ٿامس سوزي ۽ جوناٿن جيڪسن شامل هئا. آئي ايس پي آر مطابق، امريڪي وفد پاڪستان فوج جي دهشت گردي خلاف جنگ ۾ ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون تسليم ڪيون. وفد سيڪيورٽي، واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. آئي ايس پي آر مطابق، آرمي چيف جنرل عاصم منير آمريڪي وفد جي آمد جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تربيت جي تعاون لاءِ مفاهمتي يادداشت نامن تي دستخط ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.