اسلام آباد(بيورو/م ڊ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لڳڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سرڪاري ذريعن موجب، نئينمالي سال جي بجيٽ جي تياري ۽ ٻين معاملن تي پاڪستاني عملدارن ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽيڪس قدمن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ بابت ڳالهيون ٿينديون، ۽ انهن ڳالهين ۾ خزاني واري وزارت ۽ ايف بي آر جا عملدار شرڪت ڪندا. ذريعن موجب، نون خاص اقتصادي ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز تي ٽيڪس رعايتن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف خاص اقتصادي زونز ۽ برآمداتي شعبي لاءِ ٽيڪس رعايتن جي مخالفت ڪري چڪو آهي، جڏهن ته موجوده خاص اقتصادي زونز کي حاصل مراعات 2035 تائين ختم ٿي وينديون.
-
سڪيورٽي خدشن سبب بولان ميل کي جيڪب آباد وٽ روڪيو ويو
جيڪب آباد (م ڊ) سڪيورٽي ڪليئرنگ نه ملڻ سبب ڪوئيٽا ويندڙ بولان ميل کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن وٽ روڪيو ويو جنهن سبب مسافر دربدر ٿي ويا. ڪجهه مسافرن کي ڪرايو واپس ڏياريو ويو جڏهن ته اڪثريت کي نه ڪرايو مليو نه ئي وري متبادل ٽرانسپورٽ ملي سگهي. ان تي مسافر پريشان ٿي ويا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪرايو ڏياريو وڃي ۽ اڳتي واضح منصوبابندي ڪئي وڃي، جيڪڏهن حڪومت ۽ ريلوي انتظاميا ريلون هلائڻ قابل ناهي ته اجايو عوام کي پريشان نه ڪن.
-
خانپور مهر ۾ نينگري سان ڏاڍائي جي ڪوشش،جوابدار فرار
خانپورمهر ( رپورٽ : ميهرمهر)خانپورمهر شهر جي اوڏ محلي ۾ هڪ وحشي جوابدار پاران مبينا طور 9 ورهين جي نينگري بنديا ڌي دودو اوڏ سان گهر ۾ گهڙي مبينا طورڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ان سلسلي ۾ نينگري جي ڀاء جاويد اوڏ ٻڌايو ته منهنجي امڙ گهر کان ٻاهر ڪم سان ويل هئي منهنجي ڀيڻ گهر ۾ اڪيلي هئي ته جوابدار شهزادو اوڏ گهر اندر گهڙي ڀيڻ سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي رڙين تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهچي ويا جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاء ڇاپا هڻي رهيا آهيون نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويندو.
-
آمريڪا_اسرائيل ڳٺ جوڙ کان بچڻ لاءِ ايران ڳالهين لاءِ سرگرم
نيويارڪ/لاهور(رضا رومي)سينئر تجزئي نگار اعجاز حيدرچيو آهي ته ٽرمپ جي ٽيرف وارن فيصلن جي ڪري آمريڪا جي 80 سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي. جنهن ۾ گڏيل قومن جو ادارو، ان جا ذيلي ادارا،يو ايس ايڊ سميت ٻيا ادارا ختم ٿي ويندا. آمريڪا جيڪي پيسا دنيا مٿان خرچ ڪري رهيو آهي اهي ان جي سافٽ اميج کي بهتر ڪن ٿا.هن چيو ته ٽرمپ اهو نه ٿو سمجهي ته آمريڪا جيڪي ادارا جوڙيا 80 ورهين دوران گڏيل قومن سميت ٻيا ذيلي ادارا سندس سافٽ اميج لاءِ هئا ۽ انهن وسيلي هن پنهنجي استعماريت کي به وڌايو، ايران آمريڪا جو مسئلو اهوآهي ته ايران پنهنجي ميزائل ٽيڪنالاجي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي. ايران جون ٽي خواهشون رهيون آهن. هڪ حڪومت جي تبديلي کان بچڻ، ٻي هن جي ڪوشش آهي ته ويڙهه ۾ سڌي ريت شامل نه ٿيون، ٽيون وچ اوڀر مان آمريڪي اثر جو خاتمو. ايران هن وقت چاهي ٿو ته اهڙي ڪا صورٽحال نه ٿئي جنهن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ان تي حملو ڪن،هن چيو ته ايران رجيم چينج کان بچڻ لاءِ ڳالهيون ڪري وقت حاصل ڪرڻ گهري ٿو. هن وقت تائين ڳالهيون سڌي ريت نه ٿي رهيون آهن.هنن ڳالهين ۾ ايران مٿان تمام گهڻو پريشر اچڻو آهي.
-
آمريڪا جي ٽيرف تي پاڪستان جو محتاط رويو، جوابي اپائن جو امڪان رد
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان واضح ڪري ڇڏيو ته هو ٽرمپ انتظاميا پاران لاڳو ڪيل ٽيرف جو ڪنهن به طرح سان جواب ڏيڻ جو ارادو نٿو رکي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بي بي سي کي انٽرويو ۾ چيو ته هو يقيني طور تي نئين آمريڪي انتظاميا پاران لاڳو ڪيل ٽيرف بابت پريشان ضرور آهن. هن چيو ته اسان کي سوچڻو پوندو ته هن نئين عالمي نظام سان ڪيئن اڳتي وڌجي، اسان کي هن مسئلي تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. کانئس پڇيو ويو ته کيس لڳي ٿو ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڇڪتاڻ جو پاڪستان کي نقصان ٿيندو ته ان تي هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، چين سان لاڳاپا به اسان لاءِ اهم آهن.