بي اين پي پاران اڄ آل پارٽي ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان

مستونگ ( م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) صوبي جي صورتحال تي سومر تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيوآهي، تفصيل موجب مستونگ ۾ لڪ پاس تي بي اين پي جو ڌرڻو 17 هين ڏينهن به جاري آهي، بي اين پي صوبي جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪرڻ لاءِ اڄ ڌرڻي واري هنڌ تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ٻئي طرف، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي، مسلم ليگ ن بلوچستان جي اڳواڻن بي اين پي سربراهه اختر مينگل تي تنقيد ڪئي، ن ليگ جي اڳواڻن چيو ته اهي سردار اختر مينگل جا جائز مسئلا حل ڪرڻ چاهين ٿا، پر هو پنهنجي ضد تي قائم آهي ۽ سندس صرف هڪ ايجنڊا آهي، جيڪو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.