حب/ملير (نمائندا) ملير جي شرافي ڳوٺ ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران قيد بلوچ اڳواڻن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين وٽ جبري طور گم ڪيل پنهنجن عزيزن جي بازيابي بابت بينر ۽ تصويرون هيون، جڏهن ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، بيبرگ بلوچ، شاهه جي بلوچ ۽ ٻين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. ريلي دوران پوليس پاران فائرنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي، جنهن بعد ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ترجمان چيو ته پرامن مظاهرو ڪرڻ هاڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، رياستي جبر مظلومن ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ڪري رهيو آهي. حب ۾ به اهڙي احتجاج تي پوليس ڪارروائي ڪئي وئي، جتي به گرفتاريون عمل ۾ آيون.