ماڻهن کي خيراتن ۽ امدادن تي هيرائڻ بند ڪريو

تحرير: ياسمين چانڊيو

 سوشل فورمن، اين جي اوز ،وغيرہ خيراتي ادارا کولي ماڻھن کي ايترو ته هڏ حرام، بي حس ۽ خودداريءَ کان خالي ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻ روزي روٽي ڪمائڻ بدران، مفت جي ماني کائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد سمجهڻ لڳا آھن . اهي هٿ، جيڪي ڪڏھن محنت مزدوريءَ سان رزق حاصل ڪري فخر محسوس ڪندا ھئا، هاڻ صدقي جي ٿالهين ڏانهن وڌي رهيا آهن. هي تبديلي رڳو غربت جو نتيجو نه آهي، پر هڪ منظم منصوبابنديءَ سان عام ماڻهوءَ کي ڪم کان پري ۽ بيزار ڪرڻ، ۽ کيس عقل، جسم ٻنهي جي ڪم کان روڪڻ جي ھڪ منظم سازش ٿي رھي آھي.

ھي سوشل فورم ، اين جي اوز ،وغيرہ ،مختلف  وڏن  ماڻھن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کان فنڊ وٺي، ظاهري طور ته انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن، پر حقيقت ۾ انهن جو ڪم "هڏ حرامي جي تربيت” ڪرڻ آهي. صحت مند نوجوان، جيڪي ڪنهن به ڪاروبار يا روزگار لاءِ سگهه رکن ٿا، اهي انهن فورمن جي "مفت ماني” جي لت ۾ اهڙا پئجي ويا آهن جو هاڻ شرم، غيرت، ۽ محنت سڀ وساري ويٺا آهن.مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيئن روز هزارين ماڻهو، جن جو جسم مضبوط، عمر جوان، ۽ دماغ صحيح آهي، مفت جي ماني لاءِ قطارون ڪري بيهندا آهن، ڄڻ عزت نالي ڪا شي ئي نه اٿن. ھنن نام نھاد سوشل ويلفيئر، سوشل فورمن ۽ اين جي اوز، ماڻھن کي ھٿ وٺي ذھني ۽ جسماني طور اپاھج ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، سو لڳي ته ايئن پيو ته ھي به ھڪ قسم جي مافيا آھي جيڪا ماڻھن کي فقير بڻائڻ جي نشي جو عادي ڪري رھي آھي.جيڪڏھن پنھنجي ملڪ سڳوري جي ڳالهه ڪنداسون ته 2024ع جي آخر تائين اين جي اوز جي تعداد گھڻو ڪري ھڪ لک 100,000 کان مٿي ٿي چڪي  آهي،انھن ۾ گھڻي ڀاڱي ڪجھ رجسٽرڊ آھن باقي ايئن ئي بغير  رجسٽريشن جي ھلائن ٿا .۽ انھن مان رڳو   8 سيڪڙو ادارا ئي اهڙا آهن جيڪي پنهنجي اصل مقصد سان وفادار آهن. باقي 92 سيڪڙو ادارا رڳو فنڊ وٺڻ، رپورٽون ٺاهڻ، ۽ سوشل ميڊيا تي شو بازيءَ ء ڪرڻ  لاءِ سرگرم آهن. اقوام متحده جي رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ سالانه لڳ ڀڳ 1.2 بلين ڊالر اين جي اوز جي ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿين ٿا، جن مان گهڻا فنڊ غربت گهٽائڻ بدران "غريب وڌائڻ” تي خرچ ٿين ٿا.جيڪڏھن ڏسجي ته حڪومت طرفان 2023-24 جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مختص رقم 97 ارب روپيا رکي وئي، جيڪا جي ڊي پي جو رڳو 1.7 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سوشل فورمن، اين جي اوز، ۽ مذهبي ادارن جي ذريعي ماڻهن کي خيرات ڏيڻ لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم جو ڪاٿو لڳ ڀڳ 800 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي. اها رقم جيڪڏهن تعليم، صحت ۽ روزگار جي ترقي لاءِ استعمال ٿئي ها ته ملڪ ۾ بي روزگاري ۽ ذلت جو خاتمو ٿئي ها.

جيڪڏھن پنھنجي ملڪ سڳوري جي نسبت ،  ٻين ملڪن کي ڏسنداسين ،مثال طور. ناروي، ڊنمارڪ، ۽ جرمني جهڙا ملڪ غربت ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي سڌو روزگار جا موقعا فراهم ڪن ٿا، سندن تعليم ۽ فني سکيا تي وڏو زور هوندو اٿن . مثلاً، جرمني ۾ فني تعليم لاءِ رياستي خرچن تي ادارا هلن ٿا، جتي نوجوانن کي هنر سيکاري، پاڻ ڀرو بڻايو ويندو آهي. اُتي صدقي يا مفت ماني جي بنياد تي نه، پر مهارت ۽ قابليت تي مدد ڪئي وڃي ٿي.

تنھن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ جا حڪمران رڳو پنهنجي ذاتي عياشين تي ،سموري ملڪ جي بجيٽ خرچ ڪن ٿا.جيڪو حڪومتن جو فرض آهي اھو پورو ڪون ٿو ٿئي. چوڻ ۾ ته اسان جو ملڪ سڳورو اسلامي جمهوريه  ملڪ آهي، پر هتي ڪم سڀ شيطاني ٿيندا آهن. بيت المال ۾ ايندڙ رقم به عوام جي ڀلائيءَ بدران حڪمرانن جي ڀڀن، انهن جي عياشين، ۽ سندن شاهاڻن  عياشين تي خرچ ٿيندي آهي. ھنن ئي حڪمرانن . اين جي اوز، سوشل فورمن، ۽ نام نھاد فلاحي ادارن کي ڄاڻي واڻي هٿي ڏني آھي  جو ھي رڳو فلاحي  ادارا ناهن، پر هڪ عالمي سازش جو حصو آهن.

جيڪا  سازش آهي ته ماڻهو پاڻ ڪم ڪرڻ بدران مفت جي مانيءَ لاءِ ٿالهيون کڻي ھميشھ  بيٺل ھجن سندن هٿن ۾ ڪتاب نه ، پر فقط  پنڻ لاءِ خالي سواليا   هٿ هجن، سندن اکين ۾ علم جي روشني نه ، پر خيرات جي اميد هجي. اڄ جيڪا ماني مفت جي ورهائي پئي وڃي، اها رڳو ماني نه پر هڪ ذهني نشو آهي .جنهن ۾ ماڻهو جو دماغ، سوچ، ۽ شعور مفلوج ٿي وڃي ٿو. پوءِ اها سوچ اڳتي وڌڻ جي سگهه وڃائي ويهي رهي ٿي.۽ جيڪا قوم مفت جي مانيءَ جي هيراڪ ٿي ويندي.، اها  قوم نه انقلاب ، نه ئي سامراجي قوتن خلاف بغاوت ڪندي .، نه ئي پنهنجي حقن لاءِ  سوال اٿاريندي . بس رڳو فقير بڻجي، حڪمرانن جي مهربانين جي آسري تي مفلوج بڻيل ھوندي . ۽ اھا ئي آهي اسان جي حڪمرانن ،۽ عالمي قوتون جي اصل سازش ت ماڻهن کي ڪمزور، محتاج، ۽ فڪري طور بي حس بڻايو وڃي.

تنھن جو فائدو وٺندي ،ھي نام نھاد سوشل فورم ،وغيرہ ڪم ڪن ٿا ،جن کي روڪڻ وارو ڪير به ناھي .

هي سوشل فورم سامونڊي پاڻيءَ جيان آهن، جيڪو بظاهر ته ڏسڻ ۾ چمڪندڙ، پر پيئڻ لائق ناھي ھوندو. يا جيئن ڪو ٻوٽو، جيڪو ٻاهران سائو، پر اندران زهريلو هجي. اهي ادارا ماڻهن کي ماني ته ڏين ٿا، پر ان جي بدلي کين شعور، خودداري، ۽ عزت نفس کان محروم ڪري ڇڏين ٿا. فقير بڻائڻ جي اها سازش ايتري ته ماهرانه طريقي سان ڪئي پئي وڃي، ڄڻ ته ماڻهو پاڻ خوشيءَ سان پنهنجي سوچ وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي.

سو موجوده دؤر ۾ سوشل ميڊيا وسيلي ھر شئي جي شو بازي ٿي رھي آھي . انھن جو وڏو فائدو اهي فورم  وٺن ٿا ھر پليٽ فارم تان جنھن ۾  واٽس، ايپ گروپ، فيس بُڪ پوسٽ،  ٽڪ ٽاڪ ،يا انسٽاگرام اسٽوريءَ تي پنهنجون نقلي خدمتون ڏيکاري، پاڻ کي خدا جو نائب سمجهڻ لڳا آهن.  ڏٺو وڃي ته ھي اھڙو مفادن وارو دؤر آھي ،جتي ڪير ڪنهن کي پاڻيءَ جو گلاس به مفت ۾ ۽ بغير مطلب جي ناھي ڏيندو، ته پوءِ ھي ماڻھن کي ٻن  کان ٽن ويلن جي ماني يا راشن مفت ۾ ڪھڙي انسانيت جي خدمت طور تي ڏين ٿا؟ ۽ جيڪو به ڏين ٿا ان جي ايتري ته شوبازي ڪئي ٿي وڃي جو ڄڻ ھت زميني مسيحا ھجن، اصل مدد ته اها آهي، جيڪا خاموشيءَ سان، بي نيازيءَ سان ڪئي وڃي.

اڄ جي دور ۾ جتي اين جي اوز، ويلفيئر ادارا ۽ خيراتي تنظيمون انسانيت جي نالي تي ماني ورهائن ٿيون، اتي سوال اھو آھي ، ته ڇا اهي واقعي خير خواهه آهن؟ يا اهي به سرمائيدارانه نظام جو هڪ حصو بڻجي چڪا آهن، جتي مفاد، فنڊ، ۽ شهرت انسانيت تي حاوي ٿي چڪيون آھن ؟اهي تنظيمون جيڪي روز هڪ ئي جاءِ تي ساڳين ماڻهن کي ماني کارائين ٿيون، انهن مان ڪنهن هڪ جي زندگين ۾ به تبديلي ڇو ناهي آئي؟ ڇو نه ڪو اوزار سندن هٿن ۾ ڏنو ويو، ڇو نه ڪو روزگار، ڪا تعليم، ڪو حوصلو؟ ڇا خير جي نالي تي هن قوم کي مستقل طور پنڻ تي لڳايو پيو وڃي؟شايد اڄ جو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته: ڇا خيرات واقعي نيڪي آهي، يا هڪ سوچي سمجهي  سازش جو لڪل چهرو؟

 جيڪڏهن ھنن  اين جي اوز جو ماڻھن لاءِ ھانو ٿو ڦاٽي ته پوءِ انھن جو اصل ڪم هجڻ گهرجي ته ماڻهن کي ڪم ڪار سيکارڻ، دستڪاري، هنر، ۽ واپار جي تربيتي مرڪزن ذريعي خودڪفيل بڻايو وڃي.حڪومت کي گهرجي ته جعلي خيراتي ادارن، ۽ فقط شو بازي ڪندڙ سوشل فورمن جي سڃاڻپ ڪري سندن رجسٽريشن رد ڪري.ڏٺو وڃي ته!جڏهن ڪا قوم صدقي جي ماني تي زنده رهي ٿي، ته اها پنهنجي غيرت، تهذيب، ۽ مستقبل سڀ وڪڻي ويهندي آهي.اڄڪلهه نه رڳو سوشل فورمن پر اليڪٽرانڪ ميڊيا، ٽي وي چينلن وسيلي به ماڻھن کي پنرائڻ ۽ فقير بڻائڻ جي سازش ھلي رھي آھي. مختلف انٽرٽينمينٽ پروگرامن وسيلي، ماڻھن کي منظر عام تي آڻي، کين "مدد” جي نالي ۾ تماشو بڻايو وڃي ٿو.رمضان جو مھينو ھنن ادارن لاءِ "سونو مهينو” بڻجي ويندو آهي، جتي کين وڏي پيماني تي فنڊ ملي ٿو، ۽ ٻيو فقير فيڪٽري وڌندي رهي ٿي.

 مجموعي طور تي سوچبو ته! هي فورم، اصل انسانيت جي خدمت بدران ان جي تذليل ۾ رڌل آهن. جيڪڏھن  غير مسلم ملڪن سان پنھنجي ملڪ سڳوري کي ڀيٽينداسون ته اھي ب ايئن انسانيت جي کلي عام تذليل  ناھن ڪندا جيڪا ھت مسلمان ملڪ ھوندي ٿي رھي آھي ..انهيءَ ڪري، جيڪڏهن واقعي قوم جي سڌاري ۽ غريبن جي ڀلائي ٿيڻي آهي ته انهن خيراتن جي ماڊل کي تعليم، تربيت، ۽ خودمختاريءَ جي ماڊل سان مٽائڻو پوندو، نه ته هي فقير ٺاهيندڙ مافيا، قومن جي ريڙهه جي هڏي کي مڪمل طور مفلوج ڪري ڇڏيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.