ڪئنالن تي ڳالهائڻو آهي ته ايوان ۾ موجود رهڻو پوندو: اسپيڪر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب سومر 14 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي ميمبر اقبال آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اوهان ڪارروائي هلڻ نٿا ڏيو. اڌ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن وري ڪورم جي نشاندهي ڪئي. حامد رضا چيو ته فلسطين تي ڳالهه ٿيڻي هئي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پ پ ڪئنالن جي مسئلي تي 7 اپريل تي ٺهراءُ جمع ڪرايو هو جنهن تي ايوان ۾ ڪيترن ئي ميمبرن خيالن جو اظهار ڪيو پر اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو، جي يو اءِ حصو نه بڻي. هن ملبو اپوزيشن تي وجهندي چيو ته جيڪڏهن ڪئنالن تي ڳالهائڻو آهي ته ايوان ۾ موجود رهڻو پوندو، اپوزيشن ايوان جي ڪارروائي هلڻ نٿي ڏئي ته ايوان ۾ بحث ڪيئن ٿئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.