سنڌو بچايو تحريڪ جو تڪراري ڪئنالن خلاف 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسي جو اعلان

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌو بچايو تحريڪ طرفان سنڌو مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته سنڌو مان تڪراي ڪئنال ڪڍڻ خلاف جدوجهد جاري رهندي، ۽ 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ مارچ ڪري حيدرآباد گيٽ تي جلسو ڪيو ويندو.
صدرالدين شاهه راشدي چيو ته جيڪڏهن سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جون زمينون غيرآباد بڻجي وينديون.
هن چيو ته ٺهراءُ ته پيش ڪيا ويا آهن، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪير سنڌ سان گڏ بيهندو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا، صفدر عباسي، رياض چانڊيو، سردار رحيم، مسرور سيال ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.