پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سياسي ڪميٽي طرفان مائننز اينڊ منرلز بل جي منظوري عمران خان سان مشاورت سان مشروط ڪري ڇڏي.
خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ مائنز اينڊ منرلز بل تي پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان بل جي سمورن اهم نڪتن تي گڏيل وضاحت پيش ڪئي وئي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، مائنز اينڊ منرلز بل جي منظوري پي تي آءِ باني سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ ٿيندي ۽ عمران خان جي اجازت ۽ اعتماد حاصل ڪرڻ کانپوءِ بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويندو.
ڪميٽي موجب، ڄاڻايل بل پي ٽي آءِ جي ايجنڊا، منشور، بيانيي ۽ عوامي خواهشن پٽاندڙ هوندو، بل تي ڪنهن به قسم جي جلدبازي نه ڪئي وئي هئي نه ئي ڪئي ويندي، بل ۾ حق ۽ معدني وسيلا وفاق کي منتقل ڪرڻ جو ڪو به شق شامل ناهي.
پي ٽي آءِ سياسي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته بل ۾ ايس آءِ ايف سي يا ڪنهن وفاقي اداري کي منتقل ڪرڻ جو ڪو به شق شامل ناهي، بل تي سمورن لاڳاپيل ڌرين جي هاڪاري تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي ۽ بل منظوري کان اڳ ٻين پارلياماني جماعتن سان مشاورت جاري رهندي.
Prev Post
You might also like