بابر اعظم جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم پريڪٽس سيشن دوران انجري جو شڪار ٿي ويو.
پي ايس ايل جي رنگا رنگ تقريب اڄ ٿيندي، ٽورنامينٽ جي ڏهين ايڊيشن جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
پر ميگا ايونٽ کان اڳ پشاور زلمي جي مداحن لاءِ هڪ بُري خبر سامهون آئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پشاور زلمي جو ڪپتان بابر اعظم پريڪٽس سيشن دوران انجري جو شڪار ٿي ويو.
بابر اعظم جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس پريڪٽس سيشن دوران انجري کانپوءِ منڊڪائيندي ڊريسنگ روم ڏانهن ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي پشاور زلمي طرفان بابر اعظم جي انجري بابت ڪنهن به قسم جو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.