لاهور(ويب ڊيسڪ) انتظار جون گهڙيون ختم، پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل) جو ڏهون ايڊيشن اڄ کان شروع ٿيندو، پهرئين مقابلي ۾ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز جون ٽيمون هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون.
پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي شروعات رنگا رنگ تقريب سان ٿيندي، جنهن کانپوءِ افتتاحي ميچ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٽورمانيٽ جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب شام ستين وڳي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي، جنهن دوران آتشبازي جو به مظاهرو ڪيو ويندو.
پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب ۾ ليجنڊري عابده پروين، علي ظفر، نتاشا بيگ ۽ ٻيا فنڪار سُر وکيريندا.
Next Post
You might also like