بلوچستان جي وزيرن اختر مينگل کي دهشتگردن جي ” بي ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي صوبائي وزيرن ۽ حڪومتي ترجمان طرفان بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر علي مدد جتڪ چيو آهي ته اختر مينگل پاران پيپلز پارٽي تي ڪيل تنقيد ڪنهن به صورت قبول ڪرڻ جوڳي ناهي.
هن اختر مينگل کي دهشتگردن جي ” بي ٽيم“ قرار ڏيندي چيو ته هو جيل ۾ قيد ٻين عورتن لاءِ آواز نه ٿو اُٿاري، رڳو مخصوص ايجنڊا تي ڪم پيو ڪري.
صادق عمراڻي جو چوڻ هو ته پ پ هميشه جمهوري جدوجهد لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽ سخت حالتن باوجود پوئتي نه هٽي آهي.
هن اختر مينگل تي الزام هڻندي چيو ته هو عورتن کي ڍال بڻائي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
بخت محمد ڪاڪڙ چيو ته اختر مينگل وائڙپ جو شڪار آهي، پيپلز پارٽي ملڪ جي بقا ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ شهيدن جي قرباني ڏني، اختر مينگل رڳو بزدلاڻي سياست ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.