عالمي ٽيرف جنگ سبب سون هزارين رپيا مهانگو، اگهه تاريخي بلندي تي پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي معيشت تي ڇانيل غير يقيني صورتحال سبب پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو 10 هزار رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 38 هزار 800 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت به 8 هزار 573 رپيا وڌي 2 لک 90 هزار 466 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي 100 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزار 218 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.