اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 13 اپريل کان هوا جي دٻاءُ ۾ واڌ ملڪ جي مختلف علائقن تي اثر انداز ٿيندي، جنهنڪري ڪيئي علائقا سخت گرميءَ جي لپيٽ ۾ هوندا.
موسميات کاتي موجب، 14 اپريل کان ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ سخت گرميءَ جو امڪان آهي.
ملڪ جي ڏاکڻي علائقن سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ 13 کان 18 اپريل تائين گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ به 14 کان 18 اپريل تائين ڏينهن جو پارو معمول کان 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ رهندو.
موسميات کاتي موجب، گرمي جي لهر دوران راتيون به گرم رهنديون، جڏهن ته گرمي جي لهر سبب انڌارين ۽ تيز هوائون گُهلڻ جو به امڪان آهي.
You might also like