ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ پاور هائوس چورنگي ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪلسوار شخص زخمي ٿي پيو جنهن کان پوءِ مڇريل ماڻهن ڊمپر ساڙي ڇڏيا. نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي حادثي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ڊمپر ڊرائيور 17-18 سالن جو ڇوڪرو هو جيڪو ريس لڳائيندي اچي رهيو هو. اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ريس لڳائيندڙ ڊمپر ڊرائيور کي ماڻهن روڪيو ۽ تشدد جو نشانو بنايو، ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ڊمپر موٽر سائيڪلن تي چاڙهئي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل تباهه ٿي ويا پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو صرف هڪ موٽر سائيڪل سوار شخص زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پاور هائوس چورنگي ۽ فور ڪي چورنگي جي ڀرسان مڇريل ماڻهن 9 گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب متاثر گاڏين ۾ 5 ڊمپر ۽ 4 واٽر ٽينڪر شامل آهن. پوليس موجب پنجن ڊمپرن کي پاور هائوس چورنگي تي ساڙيو ويو، 3 واٽر ٽينڪرن کي فور ڪي چورنگي ۽ هڪ کي سرجاني بابا موڙ تي مڇريل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي. ڊمپر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ لياقت محسود پاور هائوس چورنگي تي ميڊيا سان ڳالهين ۾ دعويٰ ڪئي ته منهنجي 11 گاڏين کي ساڙيو ويو. هن چيو ته حادثي ۾ ڪوبه زخمي ٿيو آهي ته ڪٿي آهي، سامهون آندو وڃي، ڊمپرن کي باهه ڏيندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت اسان کي تحفظ فراهم ڪري. ٻئي طرف پاور هائوس چورنگي تي ڊمپرن کي باهه ڏيڻ جي خلاف سپر هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو، ڊمپر ڊرائيورن ڪچري سان ڀريل گاڏي کي سهراب ڳوٺ الآصف اسڪوار تي اڇلي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي. ڪراچي ۾ ڊمپرن کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رات دير سان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو جنهن ۾ پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
-
حادثن تي افسوس، گاڏيون ساڙڻ جي اجازت ناهي: ضياءُ الحسن لنجار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊمپر حادثن تي افسوس جو اظهار ڪندي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن کي به ڊمپر يا ڳري گاڏين کي ساڙڻ جي اجازت ناهي. نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي تي ڊمپر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ شخص جي زخمي ٿيڻ کان پوءِ، ڪاوڙيل ماڻهن مختلف علائقن ۾ 10 وڏين گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي. سنڌ جي گهرو وزير گاڏين کي باهه ڏيڻ جو نوٽيس ورتو آهي. ضيا لنجار چيو ته ڊمپر حادثن ۾ ملوث ڊرائيورن کي گرفتار ڪرڻ جا واضح حڪم آهن. ڪنهن کي به ڊمپر يا ڳري گاڏين کي ساڙڻ جي اجازت ناهي. جيڪو به شهر جو امن خراب ڪرڻ ۽ دهشت پکيڙڻ ۾ ملوث هوندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پوليس کي گاڏين کي ساڙڻ وارن سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ سهراب ڳوٺ احتجاج بابت پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن.
-
گورنر پاران شهر جو دورو، ڪراچي لاوارث ناهي: ٽيسوري
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري رات جو دير سان ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. سنڌ جي گورنر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪراچي لاوارث نه آهي، منهنجا ڀائر ۽ ڀينرن کي ڊڄڻ نه گهرجي، هن چيو ته ڊمپر حادثي ۽ روڊ بلاڪ ٿيڻ کان پوءِ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هو رات جو دير سان روڊن تي نڪتو ته جيئن عوام کي يقين ڏياري سگهجي ته قانون جي حڪمراني برقرار رهندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سنڌ جي گورنر شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي شرپسند عنصرن جي ڳولا ڪن.
-
ڪراچي ۾ وڳوڙن جي سازش ڪئي پئي وڃي: شاهي سيد
ڪراچي (رپورٽر) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد ڊمپر ساڙڻ جي واقعي کي لساني فسادن جي ڪوشش قرار ڏنو. تفصيل موجب عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ شاهي سيد ڊمپر ساڙڻ واري واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لساني فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اي اين پي اڳواڻ چيو ته ٽريفڪ حادثن کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي، ٽريفڪ حادثا سياسي نه پر انتظامي نااهلي آهن، ۽ شرپسندن پاران ٽرانسپورٽ کي ساڙڻ حڪومتي رٽ تي سواليه نشان آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ لساني فسادن جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ هر شهري جي ذميواري آهي، ۽ ڪنهن کي به ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. عوام افواهن تي نه ٻڌن ۽ باهمي محبت کي فروغ ڏين، شهر جو امن اسان سڀني جو امن آهي، ان کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.