ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل جج جسٽس عدنان اقبال چوڌري اين اي 243 ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پيپلز پارٽي جو ايم اين اي قادر پيٽل پيش نه ٿيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي هن يا سندس وڪيل جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل شجاعت علي دعويٰ ڪئي ته هو شام 4 وڳي تائين اڪثريت سان اڳتي هو، پر فارم 47 ۾ قادر پيٽل کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
-
موٽرسائيڪل سوار کي ٽڪر هڻندڙ ٽينڪر ڊرائيور رمانڊ تي پوليس حوالي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ ٽينڪر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار شهري جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ڊرائيور عالم زيب کي پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي ٻه ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪيس ڪورنگي ٿاڻي تي داخل آهي.
-
ڪراچي بار جي صدر تي حملي جو ڪيس داخل، پيڪا ايڪٽ قلم شامل
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ خلاف حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل جي ڪوشش، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻيا قلم شامل آهن. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ تي حملي جو ڪيس ميٺادر ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل جي ڪوشش، پيڪا ايڪٽ، وڪيل تي تشدد ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. مدعي عامر نواز چيو ته آچر تي هن سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪينال ڪڍڻ خلاف بيان ڏنو، جنهن ۾ هن 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ته جيڪڏهن ڪينال بند نه ڪيا ويا ته سنڌ-پنجاب سرحد بند ڪئي ويندي. ڪيس ۾ مدعي چيو ته جڏهن هو پنهنجي آفيس مان نڪتو ته تبت سينٽر جي ويجهو هڪ موٽرسائيڪل سوار کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ئي هو گاڏي مان ٻاهر نڪتو، تيئن ئي پنجن نامعلوم ماڻهن حملو ڪيو جيئن هو نيو چالي کان آءِ آءِ چند ريگر پهتو. ۽ گاڏي تان لٿو ته 5 نامعلوم جوابدارن حملو ڪيو. ڪراچي بار جي صدر چيو ته بعد ۾ خبر پئي ته ڪرن ڪامران ۽ سندس ڀاءُ ڪامران، مستنصر، حملو ڪرايو هو.
-
تعليمي ويزائن جي معطلي بابت آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي کاتو
اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته تعليمي ويزائن جي معطلي جي حوالي سان آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون. آمريڪا پاران بگرام ۾ هوائي اڏو قائم ڪرڻ جو معاملو سوشل ميڊيا تي هڪ افواهه آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمريڪا اسان لاءِ هڪ اهم برآمدي منزل آهي. اسان آمريڪا کان تيزي سان ٽيرف تبديليون ڏسي رهيا آهيون. وزيراعظم هن معاملي تي هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي آهي.