اشتهارن بابت ون لائنر پاليسي اچڻ بعد مسئلا آساني سان حل ٿيندا:سيڪريٽري اطلاعات

ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) سنڌ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٺري ميرواهه ۾ صحافي اي ڊي شر جي قتل جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميڊيا جي آزاديءَ تي وڌندڙ پابندين ۽ پيڪا ايڪٽ تحت صحافين جي گرفتاريءَ تي به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري انفارميشن سنڌ نديم الرحمان خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سيڪريٽري انفارميشن، صحافتي آزادي بابت ميمبرن جي خدشن جي جواب ۾ چيو ته "سنڌ ڪمشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پريڪٽشنرز” کي فعال بڻائڻ جو عمل جاري آهي. هن ٻڌايو ته 2014 کان 2021 تائين جي بجيٽ ٿيل ۽ غير بجيٽ ٿيل اشتهارن جو آڊٽ جاري آهي. بجيٽ ٿيل ذميوارين جو آڊٽ مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته غير بجيٽ ٿيل اشتهارن جو آڊٽ اميد آهي ته هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته اشتهارن جي حوالي سان نئين پاليسي تحت بجيٽ ٿيل ۽ غير بجيٽ ٿيل ادارن کي ڌار ڪري ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته 2021 کان پوءِ جي ذميوارين لاءِ "ون لائنر پاليسي” متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن سان مسئلا آساني سان حل ٿيندا.هن پرنٽ ميڊيا جي اشتهاري ذميوارين جي ادائيگي بهتر بڻائڻ ۽ ننڍن اخبارن ۽ علائقائي اخبارن جي ڪوٽا ۾ واڌ لاءِ ڊائريڪٽر يوسف ڪابورو کي خاص هدايتون جاري ڪيون. سي پي اين اي سنڌ ڪميٽي جي چيئرمين عامر محمود اجلاس جي شروعات ڪندي سيڪريٽري انفارميشن کي پرنٽ ميڊيا جي پراڻن مسئلن ، خاص طور تي اشتهارن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ ذميوارين جي ادائيگيءَ ۾ ٿيندڙ دير بابت بابت آگاهه ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته پرنٽ ميڊيا لاءِ 40 سيڪڙو بجيٽ مختص ڪئي وڃي. هن سلسلي ۾ وزير اطلاعات کي خط پڻ لکي چڪا آهن. سيڪريٽري جنرل اعجاز الحق مختصر نوٽيس تي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي سيڪريٽري انفارميشن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته نديم الرحمان پرنٽ ميڊيا جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيا آهن.هن اجلاس دوران وفاق سان لاڳاپيل بجيٽ ٿيل ذميوارين جي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي چيو ته سي پي اين اي حڪومت کي خط لکيا آهن، ۽ اميد آهي ته 60 کان 90 ڏينهن اندر پرنٽ ۽ ٻين ميڊيا ادارن کي بجيٽ جي ادائيگيون ڪيون وينديون. ڊاڪٽر جبار خٽڪ اشتهارن جي ذميوارين ۽ مقدار کي شفاف بڻائڻ لاءِ اطلاعات کاتي جي ويب سائيٽ تي تفصيل اپ لوڊ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ روزانه غريب، فيصل آباد جي ايڊيٽر تنوير شوڪت جي زال ۽ صحافي اي ڊي شر لاءِ دعاءِ مغفرت به ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين فقير منٺار منگريو، سينيئر نائب صدر انور ساجدي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، سينيئر ميمبر ڊاڪٽر جبار خطڪ، حسن عباس، عبدالخالق علي، عبدالرحمان منگريو، علي حمزه افغان، قاضي عامر جبران، غلام شبير، شير محمد کهاوڙ، بشير احمد ميمن، محمد قاسم سومرو، عبدالرسول سومرو، عمران ڪورائي، مقصود يوسفي، محمود عالم خالد، سلمان قريشي، مدثر عالم، محمد سعيد شاه، نصرت مرزا، شاهد ساٽي، سليم شيخ، مظفر اعجاز، نسيم اختر شيخ، ڊي جي پي آر ڊاڪٽر معيز الدين پيرزاده ۽ ڊائريڪٽر انفارميشن (اشتهار) محمد يوسف ڪابورو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.