ڪراچي (رپورٽر) عالمي سطح تي جاري ٽيرف جي جنگ سون جو اگهه آسمان تي پهچائي ڇڏيو. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 7 هزار 800 رپيا وڌي 328 هزار 800 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 281893 رپيا آهي جنهن ۾ 6688 رپيا واڌ ٿي. ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 78 ڊالر وڌي 3118 ڊالر في اونس ٿي وئي.
-
ٽرمپ ٽيرف ۾ نرمي کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي
ڪراچي (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران لاڳو ڪيل ٽيرف ۾ رعايت کان پوءِ، پاڪستان سميت دنيا جي مارڪيٽن ۾ وڏي تيزي اچي وئي. ڊونلڊ ٽرمپ چين کانسواءِ سڀني ملڪن لاءِ 90 ڏينهن جي ٽيرف رليف جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ تائيوان جي اسٽاڪ مارڪيٽ 9 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ سان بند ٿي، جڏهن ته هانگ ڪانگ مارڪيٽ ۾ به هاڪاري رجحان ڏٺو ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي به ڪاروبار جي شروعات هاڪاري ٿي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 2924 پوائنٽس جي واڌ سان 117077 پوائنٽس تي واپار ڪندي ڏٺو ويو. پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 116189 پوائنٽس تي بند ٿيو.