12 لک ايڪڙن لاءِ 80 لک کي بنجر بڻائڻ ڇا عقلمندي آهي؟: مرتضيٰ جتوئي

سکر (رپورٽ: آزاد مهر) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪئنالن واري معاملي تي پيپلزپارٽي جي پاليسي واضح نه آهي، ڇو ته وفاق ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جي اتحادي آهي، پ پ ايم اين ايز کي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جو وزير چئي چڪو آهي ته ڪئنال رٿا وارو معاملو طئي ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي دٻاءُ ۾ اچي قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪري رهي آهي، آئون سمجهان ٿو ته پ پ کي وفاقي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته ڪئنالن واري منصوبي بابت ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط، سنڌ ۾ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي فراهمي جي سنگين صورتحال جي پيش نظر ٿي سگهي ٿو، سنڌ جا ماڻهو ڪئنال مسئلي تي ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن سنڌ جي ماڻهن سگهاري انداز سان درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف آواز بلند ڪيو آهي، چولستان جي 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ صوبي جي 80 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي بنجر بڻائڻ ڇا عقلمندي آهي؟.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.