گمبٽ/ کھڙا (رپورٽ: تاج محمد مھر/ اياز لطيف رتڙ) سنڌوءَ درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف رپڙي ۾ جي يو آءِ طرفان سنڌو بچايو سنڌ بچايو تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ رپڙي جي جامعيه عربيه عطاءُ العلوم جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو ته پنجاب پنهنجا درياھ کپائي 91 واري معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، اسان 91 وارو معاهدو مجبوري ۾ قبول ڪيو، ان معاهدي تحت به پاڻي نه ٿو ملي، اڄ ۾ سنڌ ۾ 55 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، طاقتور ڌريون پنجاب جي ريگستان کي سرسبز ڪري سنڌ کي بنجر بڻائي سنڌين کي بي روزگار بڻائڻ چاھن ٿيون، 6 اپريل تي اسان منفرد احتجاج ڪري انهن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ مضبوط ته پاڪستان مضبوط، اسان ڪنهن کي به پاڪستان توڙي سنڌ ڪمزور ڪرڻ نه ڏينداسون، اوھان جو منصوبو پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ۽ اسان جو منصوبو پاڪستان جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ آهي، هن چيو ته وسيلن، ٻيٽن ۽ درياھن جا سوداگرو، ٻڌو قومن جا حق کسي اوھان پاڪستان کي ڪڏهن به مضبوط ڪري نٿا سگهو، جيڪڏهن ھنن عقل کان ڪم نه ورتو، ھوڏ تان نه لٿا، ريگستان کي آباد ڪرڻ واري منصوبي تان ھٿ نه کنيو ته اسان جو ايندڙ قدم سنڌ پنجاب جي بارڊر کي بند ڪرڻ آهي، ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪئنالن جا فيصلا عدالتن ۾ نه ايوانن ۽ روڊن ۾ ٿيندا، عدالتي فيصلن سان اڳتي نقصان ٿي سگهي ٿو، تڪراري فيصلن سان وفاق ڪمزور ٿي سگهي ٿو.