برسلز (م ڊ) يورپي ڪميشن جي صدر آمريڪا تي جوابي ٽيرف جي لاڳو ڪرڻ ۾ 90 ڏينهن جي وقفي جو اعلان پڻ ڪيو. يورپي ڪميشن جي صدر چيو ته هن آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٽيرف ۾ وقفي جي اعلان جو نوٽيس ورتو ۽ چاهي ٿو ته ڳالهين کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي. هن چيو ته يورپي يونين جي جوابي قدمن کي ميمبر ملڪن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، پر اسان انهن قدمن کي 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.