ڪلوئي (رپورٽ: نواز بلوچ) گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول محمد خان لنڊ جي هيڊ ماستر عزيز لنڊ جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف سومر ڏينهن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن سيڪنڊري ٿرپارڪر پاران کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ جواب طلب ڪيو ويو ٻي صورت ۾ کيس ڊس مس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. هيڊ ماستر عزيز لنڊ ٻڌايو ته سندن ريلي سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف هئي جڏهن ته ڪا به سياسي ڳالهه ٻولهه نه هئي، هو ڪئنالن واري منصوبي خلاف احتجاج ڪندا رهندا، وفاقي حڪومت منصوبي کي ختم ڪري. ڊي اي او ٿرپارڪر نوٽيس بابت موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته ميڊيا ۾ خبرون اچڻ کانپوءِ هيڊ ماستر کي ڏنل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو ويو.