ڪڪڙ ويجهو پل تباهه، ڪاڇي جي هزارين ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو

ڪڪڙ )رپورٽ : شفيع محمد جنجهھ (ڪڪڙ لڳ گاج ڊيم ۽ ڪاڇي جي ڳوٺن  کي ملائيندڙ   ايم اين وي ڊرين (ڇنڊڻ) مٿان اڏيل پل ۾ ھنڌان ھنڌن کڏا پئجي ويا، سوين ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو. گاج ڊيم ،ٿرڙي جادو شھيد سميت۽ ڪاڇي جي سوين ڳوٺن کي انڊس هاءِ وي ۽ شهري علائقن سان ملائيندڙ  پل ۾ کڏا پئجي ويا. جنهن سبب پل اچ وڃ جي قابل نه رهي. گاج ڊيم ۽  سوين ڳوٺن جي رھواسين جو زميني رابطو  ڪٽجي ويو آھي. گاج ڊيم تي  ھلندڙ تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ جا امڪان آھن. پل ٿباهه  ٿيڻ سبب ٿرڙي جادو شھيد، قصبو، پٽ گل محمد ، مزار ڀرڳڙي، مست ڪيهر شاهه، راڄو ديرو، سم، ٽوڙ، گل ٻٻر،مريد ٻٻر، ڳوٺ کوهه وارا ڪلھوڙن ، فيض محمد قمبراڻي  سميت سوين ڳوٺن جو ڪڪڙ ۽ دادو سان زميني رابطو ٽٽي پيو آھي،جنھن ڪري رھواسي سخت پريشاني جو شڪار آھن ان دوران ڳوٺاڻن لياقت قمبراڻي ، الله بخش ، بشير احمد ، رحمان چيو آھي گاج ڊيم ۽ سوين ڪاڇي واسين ڳوٺن کي ملائيندڙ واحد پل آھي جنھن جو اسين  ڪڪڙ ۽ دادو ڏانھن علاج توڙي واپار سانگي  گذر ٿئي ٿو (ايم اين وي ڊرين) مٿان اڏيل پل  گذريل  2010ع ۽ 2022ع جي ٻن مها ٻوڏن جو پاڻي گذرڻ ڪري زبون حال ٿي ھئي پر ان جو مرمتي ڪم نه ٿيو. پل جو  هڪ حصو ڪجه ٽائيم اڳ ڌماڪي سان ڪري پيو هو ڳوٺاڻن طرفان پل تباه حال ھئڻ ڪري نئين سر تعمير ڪرڻ  لاءِ  ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن کي آگاه ڪيو ھو پر ضلعي انتظاميا ڪن لاٽار ڪندي پل جي تعمير لاءِ ڪوبه جوڳا قدم نه کنيا. رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته پل جو ڪم جلد ڪرائي بي چيني دور ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.