اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ويهن پنجويهن سالن کان ڪمند جو ته بحران حل نه ٿيو پر هاڻي ڪجهه سالن کان ڪڻڪ جي گهٽ سرڪاري اگهه مقرر ٿيڻ سبب ڪڻڪ جا آبادگار به چتاءُ ڏيڻ لڳا آهن ته جيڪڏهن حڪومت ڪڻڪ جو درست ۽ فائديمند اگهه مقرر نه ڪيو ته اسان جي پوءِ بس ئي آهي.اڳتي فصل نه پوکينداسين. ڪڻڪ جي آبادگارن جي گذريل سال ڏنل اهڙي چتاءُ کانپوءِ اسان جو خيال هو ته حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي مان وٺندي پر افسوس ته ائين نه ٿيو ۽ صورتحال خراب کان خراب ئي ٿي رهي آهي.
ان ڏس ۾ تازي رپورٽ موجب سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4500 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته موجوده اگهه سان آبادگارن جو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي عوامي آواز خبار ۾ ان قسم جون روز خبرون لڳن ٿيون ته ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار آهي پر سرڪار اها ڪڻڪ خريد به نه ٿي ڪري نه ئي آبادگارن کي ميرٽ تي بارداڻو مُهيا ڪري رهي آهي. هوڏانهن آبادگارن کان گهٽ کان گهٽ اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي وري اٽي جا اگهه چوٽ چڙهيل آهين يعني هر پاسي کان غريب ۽ وچولو طبقو ويل ۾ آهي.
مجموعي طور تي ڏسجي ته اسان جو ملڪ ڪنهن به پاسي ۽ حوالي سان درست رخ ۾ نٿو هلي. اهي رياستي ۽ حڪومتي غلط پاليسيون آهن جن هن ملڪ کي تباهي جي ڪنڌيءَ تي رسايو آهي. ٻيو ته ڇڏيو اسان جي ملڪ جون جيڪي طاقتون ۽ مشهور سڃاڻپون هيون تن کي به اسان هٿ سان تباهه ئي ڪري رهيا آهيون ۽ الميو اهو آهي ته ڪٿي به ساهي پٽي پنهنجي غلط پاليسين جو جائزو وٺي انهن کي بهتر ڪرڻ جو سوچيون به نه پيا. مثال طور اسان جو ملڪ زراعت ۾ چاليهه سال اڳ تائين خود ڪفيل هو. زرعي پيدوار سان مالا مال هو پر حڪومتي پاليسين اسان کان زرعي طاقت به کسي ورتي آهي. اسان پنهنجن ادارن جهڙوڪ اسٽيل مل، پي آءِ اي، پورٽ قاسم، شگر ملن ۽ ڪارخانن کي سنڀالڻ، مالڪي ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ بدران انهن کي خانگائڻ جي چڪر ۾ لڳي وياسين ۽ ائين معدني وسيلن سان مالا مال ۽ شاهوڪار ملڪ کي قرض ۽ امدادن تي هرائي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به تيار ناهيون.
زراعت جي حوالي سان اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته اسان ان جي مالڪي ڪرڻ به ڇڏي ڏني آهي.مُند ۽ مهل جي مناسبت سان نه فصل پوکيون ٿا ۽ نه ئي فصل لهڻ تي آبادگارن کي ان جو مناسب اگهه ڏئي سندن همت افزائي ڪريون ٿا، اڃان به گهٽ اگهه مقرر ڪري کين زراعت مان ئي هٿ ڪڍائڻ جو ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون. ڇا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ان لاءِ ئي زرعي وزير مقرر ڪيا آهن ته اهي ملڪي زراعت جي تباهي جو ڪم ڪن.
اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته گذريل سال کان ملڪ اندر ڪڻڪ جو بمپر فصل لهي رهيو آهي پر حڪومت بجاءِ ان جي ته پنهنجن ملڪي آبادگارن کان سٺي اگهه تي فصل خريد ڪري سندن همت افزائي ڪري، اها الٽو ٻاهرين ملڪن کان زرعي جنسون مهانگي اگهه تي خريد ڪري پنهنجي مالي خزاني تي بار به وجهي رهي آهي ۽ ملڪي آبادگارن کان فصل خريد نه ڪري کين ڪنگال بڻائي رهي آهي. تنهن ڪري سنڌ جا سڀئي آبادگار حق تي سراپا احتجاج آهن. واقعي به سنڌ جي آبادگارن سان زيادتيون وڌي رهيون آهن جن کي فوري طور تي روڪڻ جي ضرورت آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن سال خاص ڪري ڪراچي اندر ڊمپر ۽ هيوي گاڏين جا ريڪارڊ روڊ حادثا ٿيا آهن. هن وقت تائين 35 ماڻهو هيوي گاڏين جي ٽڪر ۾ مري چڪا آهن. ان حوالي سان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي اجلاس به گهرايو هو. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ان اشوءَ کي خوب کنيو به آهي پر افسوس ته پوءِ به سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جو ٽريفڪ کاتو هيوي گاڏين جي حادثن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
گذريل رات به هڪ هيوي گاڏيءَ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن ۾ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿيو ته مڇريل ماڻهن جو هجوم هڪ منظم طريقي سان روڊن تي اچي پهتو ۽ جواب ۾ انهن ڪلاڪ اندر ڏهن کان مٿي هيوي گاڏين ۽ ٽينڪرن کي ساڙي ڇڏيو جيڪو عمل به درست ناهي. اسان جو خيال آهي ته هڪ غلط عمل کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ان مان ڪو سياسي فائدو نه وٺڻ گهرجي. نه ئي گاڏيون ساڙيندڙ هجوم جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو ڊمپر گاڏين ۽ پاڻي جي ٽينڪرن کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪجي ۽ پنهنجن ئي مفادن کي نقصان پهچائجي. هيوي گاڏين کي ساڙڻ بنا پرامن طريقي سان به احتجاج ڪري سگهجي ٿو.
سو سڀني کي احساس ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان سڀ کان وڏي ذميواري حڪومت جي آهي ته اها هيوي گاڏين جي روڊ حادثن جي روڪٿام جا هنگامي بنياد تي انتظام ڪري جيئن شهر جون حالتون به خراب نه ٿين ۽ شهر جي ڪا سياسي جماعت ان جو سياسي فائدو به نه وٺي سگهي.