سٺو رڪارڊ برقرار رکڻ سولو ڪم ناهي: محمد رضوان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ الڳ قسم جو دٻاءُ هوندو آهي، سٺو رڪارڊ برقرار رکڻ سولو ڪم ناهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته شوقينن کي جيڪا اميد هئي قومي ٽيم ان تي پورو نه لهي سگهي، مداح ناراض ضرور آهن، ماضي ۾ ڪارڪردگي سٺي هئي يا خراب مان وساري ڇڏيندو آهيان، جيڪڏهن ماضيءَ ۾ جيئندو رهندس ته مستقبل ختم ٿي ويندو.
هن چيو ته سڀ سٺي ڪارڪردگي ياد رکندا آهن، سڀ ڄاڻن ٿا ته ٽيم ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، سلڪيشن ڪميٽي وٽ پنهنجو اختيار آهي ۽ ڪپتان وٽ پنهنجو اختيار آهي جڏهن ته پي سي بي چيئرمين آڏو سڀ جوابده آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.