ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪارا اُروَشِي روٽيلا پنهنجي ڀيٽ انڊسٽريءَ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان سان ڪندي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
ويهجڙ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اروشي روٽيلا کان پڇيو ويو ته جيڪي ماڻهو توهان کي خودغرض چوندا آهن اهڙن ماڻهن لاءِ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ” مان پنهنجي ڪم ۾ مڪمل طور مصروف رهندي آهيان، ماڻهن جي چوڻ سان فرق نه ٿو پوي، ماڻهو ته اِهو به چوندا آهن ته شاهه رخ خان کانپوءِ اروشي روٽيلا بهترين پروموٽر آهي.“
ٻئي پاسي پنهنجي فلم ” ڊاڪو مهاراج“ بابت اُروشي دعويٰ ڪندي اِهو به چيو ته ڊاڪو مهاراج 2025ع ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن منجهان هڪ آهي، ان فلم ذريعي مان آءِ ايم بي ڊي جي نمبر ون اداڪارا بڻجي ويئي آهيان.
اروشي جي بيان تي شاهه رخ خان جا پرستار کيس سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪري رهيا آهن، ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اروشي اهڙي قسم سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيئي رهي آهي.
Next Post
You might also like