ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي.
موسميات کاتي موجب، اڄ شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهر ۾ گهم جو تناسب 77 سيڪڙو آهي، جڏهن ته اُتر-اولهه کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.