پي ٽي آءِ تڪراري ڪينالن خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، پ پ کان حمايت وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف تڪراري ڪئنالن خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائيندي پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کان حمايت وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي طرفان زرتاج گل، احمد چٺا ۽ علي محمد خان ٺهراءُ جمع ڪرايو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته سنڌ ۾ تڪراري ڪئنالن بابت بيچيني واري صورتحال آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس سڏائڻ کانسواءِ اهڙا حساس فيصلا ڪيا پيا وڃن.
هن مطالبو ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سڀاڻي ئي سنڌوءَ مان نهرون ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ کي ايجنڊا تي آڻي، ان معاملي تي ايوان ۾ کليل بحث ڪرايو وڃي ۽ ترت سي سي آءِ اجلاس طلب ڪيو وڃي.
علي محمد خان چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي به ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهي آهي ته پوءِ ان کي تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ گهرجي.
هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ علي محمد خان چيو ”توهان کي خبر آهي ته آصف علي زرداري بيمار ڇو ٿيو؟
هن چيو ته جيڪڏهن ايوانِ صدر ۾ ڪئنالن بابت ٿيل اجلاس جي صدارت آصف علي زرداري ڪئي هئي ته پوءِ سنڌ جو پاڻي ڪنهن وڪرو ڪيو؟، جيڪڏهن هو ئي پاڪستان جو صدر هو ۽ ساڳئي اجلاس جي صدارت هن ئي ڪئي هئي ته پوءِ ذميوار به هو ئي آهي.؟
علي محمد خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي فارم 45 جو صحيح نتيجو ڏنو وڃي ها ته اڄ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي ها، پي ٽي آءِ ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.