گڏاپ ۾ فوڊ ريسٽورنٽ تي حملو، پوليس جي لٺبازي، 7 گرفتار

گڏاپ (رپورٽ: ممتاز علي شيخ) گڏاپ ٽول پلازه ڀرسان پرڏيهي فوڊ ريسٽورنٽ تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڏنو، اطلاع تي پوليس پهچي ويئي جنهن ڳالهين م ناڪامي کان پوءِ لٺبازي ڪري7 ڄڻا گرفتار ورتا، پوليس موجب  ٽول پلازه تي قائم فوڊ ريسٽورنٽ تي حملي بعد پٿراءُ ڪيو ويو، لٺبازي بعد مڇريل ماڻهن سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، صورتحال جي خرابي سبب ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران ڊسٽرڪٽ مان اضافي نفري طلب ڪئي ويئي، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته پوليس اڳواٽ بيٺل هئي ان ڪري نقصان ناهي ٿيو 7 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.