ميرپورخاص ۾ ڪي ايف سي حملي جو ڪيس داخل،14 جوابدار گرفتار

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) مڇريل ماڻهن پاران اربع واري رات دير سان ڪي ايف سي تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري ڪي ايف سي کي باھه لڳائڻ واري واقعي جو پوليس سرڪار پاران ايس ايڇ او سٽي ڪامران هاليپوٽو جي فرياد تي نجيب الله، حافظ ذڪريا، ياسرگودڙي والا، طلعا، احسن علي، محمد مسعود، لطيف مُلا، سهيل، احمد لاشاري، نقاش، اسد پٺاڻ، ولي خان پٺاڻ، محمد عمر، سيف علي، زبير، شاه رخ، حمزه، اُساما، محمد الياس، شهريار، رئيس، ثاقب، محمد امجد، آصف علي، عبدالسلام، ارباز خان، دلشاد، شازهزيب سميت 14 جوابدارن ۽ وڏي انگ نامعلوم جوابدارن خلاف پوليس تي حملو ڪرڻ، فائرنگ ڪرڻ سرڪاري گاڏي کي ساڙڻ، ڪي ايف سي تي حملو ڪري باھ ڏيڻ جي ڪوشش جي الزام هيٺ دهشتگردي جي قلمن هيٺ ڪيس درج ڪري ڄاڻايل 14 جوابدرن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ٻيطرف پوليس پاران ڪي ايف سي تي ڀڄ ڊاهه ۽ باھ ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل نامعلوم جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هندن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ذريعن موجب پوليس 18 جوابدارن کي سي سي ٽي وي جي فوٽيجن مان حاصل ڪيل تصويرن ۽ ويڊيو جي مدد سان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.