چيف سيڪريٽري پاران آفيسن جو دورو ،ڪيترائي آفيسر غيرحاضر

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه گذريل ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي مختلف آفيسن جواوچتو دورو ڪيو. هن ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ، ڊي جي ڪاليجز ۽ هيومن رائٽس جي آفيسن جو معائنو ڪيو. چيف سيڪريٽري دوري دوران ڪيترن ئي آفيسرن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. انهن ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز نويد رب صديقي، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي فقير محمد لاکو ۽ ڊائريڪٽر پرائيويٽ ڪاليجز ڪراچي سيد عبدالقادر شاهه کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا. چيف سيڪريٽري انساني حقن جي ڪميشن جي انچارج نذير احمد خاصخيلي کي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو کي وضاحتي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن غير حاضر آفيسرن جي آفيسن ۾ رجسٽر ۾ داخلا پڻ ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته سينيئر آفيسرن جي غير موجودگي برداشت کان ٻاهر آهي، هن آفيسرن کي وقت جي شيڊول تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.