ڪراچي (رپورٽر ) ليکڪن، شاعرن ۽ رٽائرڊ ڪامورن مختلف پيشه ورن، اديبن. ليکڪن ۽ رٽائرڊ ڪامورن کي پنهنجي زندگي جي مختلف مرحلن ج آتم ڪٿا لکڻ گهرجي، ڪتاب گهرن کي اهڙيون آتم ڪٿائون ڇپائڻ گهرجن، هر عمر جي نسل کي اهي خريد ڪري پڙهڻ گهرجن. اها صلاح ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ترقي پسند شاگرد اڳواڻ، رٽائرڊ ڪاموري ۽ ليکڪ آفتاب ميمڻ جي آتم ڪتاب ” جيون سفر “ ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ جهوني صحافي محمود شام صدارتي تقرير ڪندي چيو ته آفتاب ميمڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۽ ان ۾ پنهنجي نوڪريءَ ۽ سياسي حالتن ، اقتدار جي جوڙجڪ بابت لکي وڏي همت جو ڪم ڪيو آهي، خاص طور اها ڳالهه ته مٿي خدا هيٺ حدا جي ماحول بابت اشارو ڏئي ڪتاب ۾ پنهنجو مشاهدو شامل ڪيو آهي ۽ اها حقيقيت آهي ته هڪ برگيڊيئر سياسي پارٽين کي اسيمبلي ٽڪيٽون ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڏيندو هو ۽ بيرڪن مان وزيراعلي جي ڪرسي لاءِ لياقت جتوئي ۽ ٻين جي مقرري بابت فيصلا ٿيندا هئا، هن چيو ته سيڪيورٽي ڪليئرنس جي چڪر ۾ پير مظهرالحق وڏو وزير نه ٿي سگهيو.هن وڌيڪ چيو ته چولستان کي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ مان آباد ڪرڻ ۾ نوز ليگ سان گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي به ڀاڳي ڀائيوار آهي ۽ جنرل يحيي جي دور جي جنرل راڻي جو نسل اڃان به هلي رهيو آهي، آفتاب ميمڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪافي ڳالهين مٿان پردو کڻي وڏي جرئت ڪئي آهي، ڪتاب جي ليکڪ آفتاب ميمڻ چيو ته هو ٿري آهي ۽ هن ٿر ۾ هميشه وسڪارا ڏٺا هئا، سنڌو ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هن جو فصل في ايڪڙ 50 مڻ مان گهٽجي 18 مڻن تائين پهتو آهي موسمياتي تبديلين۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن جي آتم ڪٿا سندس نوڪريءَ واري دور جي ماحول سياسي تبديلين جي هڪ شاهدي آهي ۽ مدد علي سنڌيءَجي پروگرام ۾ڪافي ماڻهو شاهد ٿي نه بيٺا ۽ هن سنڌي ڪميشن پاس نوجوانن جي نوڪرين لاءِ ان وقت جي وڏي وزير علي محمد مهر کان صحي ورتي هئي.. سنڌ مدرسته اسلام يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته آتم ڪٿا لکڻ هڪ فن آهي، اها ڪا ڪهاڻي، شاعري يا ناول جي صنف نه آهي، پر هڪ شخص جي ماضيءَ جو هڪ داستان آهي. هن چيو ته سنڌ مدرسي يونيورسٽي جي وڏي شخصيت حسن علي آفندي هو، جنهن جو حوالو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ هو هن جي متعلق لکيل مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب شايع ڪرائي رهيو آهي، نامياري صحافي ۽ ترقي پسند ليکڪ سهيل سانگي چيو ته هو ۽ آفتاب ترقي پسند شاگرد سياست ۾ گڏ رهيا هئا, سندس آتم ڪٿا ۾ ڪافي اهم واقعن ۽ ڳالهين جو ذڪر موجود نه آهي ۽ڪجهه غير ضروري ڳالهيون به شامل ڪيون آهن، اڳوڻي ڪاموري ۽ ليکڪ شمس جعفراڻي چيو ته آفتاب ميمڻ هن آتم ڪٿا کان سواءِ ٻيا به 6 ڪتاب لکيا آهن .ان موقعي تي احمد خان جمالي، اعجاز منگي، غازي صلاح الدين ، شهر بانو ڪاڪا ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سمورن رٽائرڊ ڪامورن، ليکڪن اديبن کي آفتاب ميمڻ وانگر پنهنجون آتم ڪٿائون لکڻ گهرجن، آفتاب ميمڻ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ عورتن جو ذڪر گهٽ ڪيو آهي ، سندس آتم ڪٿا هڪ معلوماتي ڪتاب آهي. پروگرام ۾ روزاني عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر توصيف ، محبوب شيخ سميت ٻيا اديب،ليکڪ ۽ صحافي موجود هئا،