خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر) خانپور ويجهو ڳوٺ شريف مھر ۾ تاجدار مدينه و سنڌو بچايو ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ مولانا راشد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا عبدالقادر ھاليجوي، مولانا عبدالله مھر، مولانا گل حسن زنئور، مولانا مفتي محمد طاھر ھاليجوي، مولانا محمد امجد خان سميت ڪارڪنن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، سنڌو درياهه سنڌ وارن جي ملڪيت آهي، جي يو آءِ سنڌ جي حقن جي حاصلات جي جنگ وڙهي آهي ۽ وڙھندي رھـندي، هن چيو ته اسين ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏا جلسا ڪري عوام کي سجاڳ ڪنداسين، اسان کي سخت قدم کڻن تي مجبور نه ڪيو وڃي، وفاق پنهنجو فيصلو واپس وٺي، مجبورن سنڌ پنجاب بارڊ بند ڪيو ويندو.