قديمي کٿڙ ٻيلو تباهي جي ورچڙهل

تحرير: ناصرمير بحر

سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد جي تمام قديمي ڳوٺ کٿڙ ۾ ڪلهوڙن جي دور جو 4 هزار ايڪڙ تي ٻڌل قديمي ٻيلو موجود آھي، لاڙ ۾ پاڻي جي گهڻي گهرج هئڻ ڪري ٻيلي جي بلڪل وچان نيو پنڃاري واھ کوٽي ٻيلي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، واھ جي اولهھ وارو حصو تقريبن هڪ هزار ايڪڙ ۽ باقي 3 هزار ايڪڙ ٻيلو واھ جي اوڀرندي پاسي ورهايو ويو، پراڻي دور ۾ ٻيلو تمام گهاٽو هئڻ سبب هتي هر قسم جا جانور پڻ موجود هوندا هئا. ٻيلي اندر مشھور قديمي ڍنڍون جن ۾ دڙڪو، ڇنڊڻ، باڊڙي، ڪر،  سنڌو ۽ ٻيون مشهور ڍنڍون موجود هيون، جتي پري پري جا مهاڻا مڇي ماري گذر سفر ڪندا هئا،جيڪي سڀ اتي ئي آباد ٿي ويا. جن جي سڃاڻپ هن وقت اولڊ کٿڙ ۾ ملاحن ڳوٺ طور ڪئي وڃي ٿي.

ٻيلي جي آسپاس رهندڙ سڀني ماڻھن جو روزگار ٻيلي سان ڳنڍيل هو، ڪافي ماڻھن جو مال ٻيلي ۾ چرندو  هو ۽ انهن جو گذرسفر پيو هلندو هو، ڪي مڇيون ماري گذارو ڪندا هئا ته ڪي وري ڪاٺيون وڍي کپائي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا.2010ع ۾ ٻيلي کاتي جي بالا آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ٻيلي تي بااثر  ماڻهن جي اهڙي ڪا نظر پئي جو ڪجھه عرصي لاءِ ٻيلي جو ڪجھه حصو ليز تي کڻي اچي ويٺا، ڏسندي ئي ڏسندي ٻيلي کاتي جي بالا آفيسرن جي ملي ڀڳت سان کٿڙ ڳوٺ واري طرف موجود هڪ هزار ايڪڙ حصي واري ٻيلي ۾ هزارين وڻ وڍرائي پوري ٻيلي کي باهيون ڏياري بلڊوزر هلرائي قدرت جي سونهن کٿڙ جي قديمي ٻيلي کي تباهه و برباد ڪري اتي مڇين جا تلاءَ، ڪڪڙن جا فارم، مينهن جا واڙا ۽ سوين ايڪڙ زمين تي ٻنيون پوکي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪاروبار کولي وهي رهيا.

ٻيلو ختم ٿيڻ کان پوءِ اتي جي مقامي ماڻهن ملاحن، راٺوڙن ۽ بروهين جي ٻيلي ۾ انٽري بند ٿي وئي، جيڪو ٻيلي ۾ لهندو هو ته حد جي پوليس کان مارايو ڪٽايو ويندو هو، غلطي سان ڪو مال ٻيلي ۾ ويندو هو ته انهن بااثرن جا ڪمدار  مال کي ڪهي کائي ويندا هئا يا وري کپايو ڇڏيندا هئا. نيٺ اتي جا هزارين مقامي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا. ماڻھن جا مال بکين ۾ پاھ ٿيڻ لڳا، نيٺ وقت جي مشهور ڀاڳين ويچارن پنهنجو مال کپائي ڇڏيو. هتي جا مقامي ماڻهو پريشاني ۽ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا.

2020ع ۾ هيوي  مشينن سان ٻيلي جي چوڌاري وڏيون کاهيون کوٽي کاهين مان نڪتل مٽي جا وڏا ڍير ٺاهي کاهين ۾ سرڪاري ٻيلي جي پيچن مان پاڻي ڇڏي کاهين کي پاڻي سان ڀري ڳوٺاڻن ۽ مقامي ماڻھن لاءِ نوگو  ايريا ٺاهيو ويو آهي، سڌي ريت ته ڪو به ڳوٺاڻو سرڪاري ٻيلي ۾ پنهنجو پير به نٿو رکي سگهي.

هن وقت به کٿڙ جي غريب مسڪين ماڻھن کي اڃا به اميد آھي ته شايد ڪو اهڙو خدا جو ٻانهون ايندو، جيڪو هن ظلم مان اسان جي جان ڇڏائيندو ۽ اسان وري پراڻي دور وانگي خوشحال ٿي پنهنجا مال مويشي آزادانه طور تي ٻيلي ۾ چارينداسين ۽ علائقي واسين جون خوشيون هڪ دفعو ٻيهر واپس اينديون. ساڃاھ وند ڌرين ۽ کٿڙ جي علائقي واسين چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، ٻيلي کاتي جي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي کٿڙ جي مشهور سرڪاري ٻيلي تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي ملوث آفيسرن ۽ بااثر ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.