نواب ولي محمد(رپورٽ: عمران علي) درياھ بچايو تحريڪ پاران ڳوٺ مٺا خان جوکيو کان سنڌو درياهه مان ڪئنال ٺاهڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي سوين ماڻهن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نواب ولي محمد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙ سنڌو تي ڪينال ڪڍڻ خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن عابد راهو، يعقوب جوکيو، حافظ اويس جوکيو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه 7 ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي، اسين واضح ٿا ڪريون ته جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي ته سنڌو درياهه مان پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏيڻ ڏيندو