ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو ) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو تي 6 نوان ڪئنال اڏجڻ جي خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ، 10 اپريل سڀاڻي حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي ، مرڪزي جوائنٽ سيڪٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، مرڪزي ماليات سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد نوناري ، اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌي عوام کان پنهنجي جياپي جو حق کسڻ آهي ، قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جا اسيمبلي ميمبر عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ پنهنجي قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ مخالفن کان حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي ڏيکاري سنڌ جي عوام کي جيڪو موقف ڏيکاري رهيا آهن اهو ان جي ابتڙ آهي هنن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرن جي شيڊول تحت 10 اپريل تي ٽنڊو محمد خان ۾ تاريخي ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ سان گڏ 4 مئي تائين مسلسل ڌرڻا هڻڻ کانپوءِ وري احتجاج جو دائرو ايوانن تائين وڌائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا ڪئنالن کي رد ڪرڻ تائين بند ڪيا ويندا ، سنڌ جو عوام هاڻي روڊن رستن تي اچي ويو آهي حڪمرانن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي عظيم تر مفادن لاءِ ڪئنالن جو سنڌ دشمن فيصلو هر حالت ۾ واپس وٺڻو پوندو ،