نيو يارڪ (م ڊ) آمريڪا پاڪستان لاءِ گلوبل انڊر گريجوئيٽ ايڪسچينج پروگرام ختم ڪري ڇڏيو. اهو اعلان پاڪستان ۾ آمريڪي تعليمي فائونڊيشن پاران ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته 15 سال شاندارنموني هلڻ کان پوءِ، اهو پروگرام هاڻي پيش نه ڪيو ويندو. اسان ڄاڻون ٿا ته هي خبر خاص طور تي انهن لاءِ مايوس ڪندڙ ٿي سگهي ٿي جن هن سال درخواست ڏني هئي ۽ موقعي جي منتظر هئا. آمريڪي ايجوڪيشن فائونڊيشن وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن کان، گلوبل يوگراڊ پروگرام هزارين شاگردن جي زندگي بدلائيندڙ تجربا فراهم ڪيا آهن جن ۾ تعليمي ترقي، ثقافتيتبادلي، ۽ قائداڻيون صلاحيتون شامل آهن.