ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ هلندڙ هلچل سان نئين قيادت اڀرڻ لڳي

ڪراچي (منظور سولنگي) سنڌ اندر گرين پاڪستان ۽ ڪينال مخالف تحريڪ  شهر شهر کان ڳوٺ ڳوٺ تائين ۽ ضلعن کان تعلقن تائين پکڙجي چڪي آهي ۽ ان تحريڪ نوان اڳواڻ پڻ پيدا ڪيا آهن ۽ هڪ نئين قيادت اڀري رهي آهي.ڀٽن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اطهر عباس سولنگي ڪينال مخالف تحريڪ کي زور وٺرايو آهي ۽ هڪ بهادر اڳواڻ طور اڀري سامهون آيوآهي. 4اپريل تي جناح باغ ۾ شهيد ڀٽو طرفان رٿيل جلسي ۾ پڻ ذوالفقار جونيئر پاران اطهر عباس کي مهمان طور ڪوٺايو ويو هيو.سندس اڳواڻي ۾ عيد ڏينهن وڪيلن جي وفد سنڌو درياهه کي گلن جي ڀيٽا به ڏني هئي.اطهر عباس، شيعااڳواڻ علامه اياز قمي، اياز حسين جعفري،اعجاز ابڙو سان گڏجي قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ وچن کي ورجايو،قلندر جي درگاهه تي ڳالهائيندي اطهر عباس سولنگي چيو ته لاڙڪاڻي مان پ پ جو هڪ ماڻهو به ڪونهي جيڪو ڪئنالن خلاف روڊن تي نڪري، هڪ ماڻهو به قيادت جي منافقت خلاف بغاوت جو الم بلند نٿو ڪري، ڪو اڳواڻ احتجاج لاءِ نڪري ته اسان سڀ انهن جي پويان هلڻ لاءِ تيار آهيون ٻئي پاسي گمبٽ ۾ شهري اتحاد جي اڳواڻ نثار ابڙو جهڙي ريت اتي ڪينالن خلاف احتجاج کي منظم ڪيو ان جو ويجهي ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. پورا 15 ڏينهن  هو شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن تائين جاڳرتا پهچائيندو رهيو.سندس منظم احتجاج کيس پنهنجي علائقي جي پيرن، ميرن، کرلن ۽ وساڻن کان وڌيڪ مشهور بڻائي ڇڏيوآهي.هالا ۾ به هڪ نئين قيادت جو چهرو آبادگار اڳواڻ  عامر بهزاد جي طور تي سامهون آيو آهي جنهن 5 اپريل تي  سڪرنڊ کان حيدرآباد لانگ مارچ ڪري ويندڙ سيد زين شاه جي قافلي جي آجيان ڪئي هئي سندس ان منظم  پروگرام بابت اتان جي مقامي صحافين ۽ لکارين جو چوڻ آهي ته عامر بهزاد  ۽ شير ڏاهري جي صورت ۾ هالا ۾ هڪ نئين قيادت اڀري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.