پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن مطابق ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻي پوندي:نواز شريف

لاهور(بيورو+م ڊ) دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج بائنانس جي باني ۽ اڳوڻي سي اي او چانگ پنگ زاؤ ن ليگ جي صدر نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۾ ڊجيٽلمعيشت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ جديد سائنس ذريعي ترقي جي ويزن کي اپنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي سي اي او بلال بن ثاقب پڻ ملاقات ۾ موجود هئا، نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز چانگ پنگ زائو کي پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي اسٽريٽجڪ صلاحڪار طور مقرر ڪرڻ جو استقبال ڪيو، اجلاس ۾ ڊجيٽل اثاثن ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۾ نوجوانن جي شموليت جي مسئلن تي پڻ بحث ڪيو ويو. چانگ پنگ زائو اڀرندڙ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ۽ عالمي ڪاروباري جي امڪانن بابت ڳالهايو، نواز شريف چيو ته پاڪستان جديد تبديلين ۾ ڀائيوار بڻجڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن مطابق تيزي سان بدلجندڙ ٽيڪنالاجيون اختيار ڪرڻيون پونديون، هن چيو ته نوجوانن کي آئي ٽي مهارتون سيکاري عالمي ڊجيٽل مارڪيٽ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن.

  1. ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي جا ڪيس چئن مهينن ۾ اڪلائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت  رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيهئي. عدالت ٻڌڻي کانپوءِ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن ۾ ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي هڪ جوابدارن جي وڪيل چيو ته 4 مهينن ۾ ٽرائل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟ اسان جي خلاف 35 ڪيس آهن، ايتري گهٽ وقت ۾ ٽرائل مڪمل ٿيڻ جو امڪان ناهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته مردان ۾ مشال خان قتل جو واقعو ٿيو هو، جڏهن ته ان وقت مان پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هوس، مشال خان قتل ڪيس جو ٽرائل 3 مهينن ۾ مڪمل ٿيو، تنهنڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت بهتر انداز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي ٿي.

  1. عمران جي آزادي سان مائنز اينڊ منرلز بل کي جوڙڻ غلط آهي:اختيار ولي

پشاور(م ڊ) وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر اختيار ولي چيو آهي ته عمران خان جي آزادي سان مائنز اينڊ منرلز بل کي مشروط ڪرڻ ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪري ٿو ، پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس پوئلڳن هميشه بليڪميلنگ جي سياست ڪئي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي خيبرپختونخواه معاملن جي ڪوآرڊينيٽر اختر ولي چيو آهي ته مائنز اينڊ منرلز بل کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي آزادي سان مشروط ڪرڻ ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪري ٿو، پنهنجي بيان ۾ اختيار ولي چيو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ قدرتي وسيلن ۾ ڪرپشن تي هڪ وائيٽ پيپر جاري ڪندو ۽ ان کي سامهون آڻيندو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪير پئسا ڪمائي رهيو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ هميشه عوام دشمن پاليسين کي فروغ ڏنو آهي, پي ٽي آءِ جا ميمبر ملڪ ۾ انتشار ۽ پاڪستان کي ڏيوالي ۾ وجهڻ چاهين ٿا، پر اهي ملڪ جي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.