اسلام آباد(م ڊ)وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلين واري ماحول ۾ اسان کي ريگستاني علائقا آباد ڪرڻا آهن،ماڻهن وڻ وڍي ڇڏيا آهن،صوبن وچ ۾ پاڻي معاهدو ٿيل آهي هر صوبي کي پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪئنال ڪڍڻ جو حق آهي،هر صوبي کي پنهنجو حق ملي رهيو آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر صوبي جي سرحد تي ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائي رهيا آهيون،چولستان سنڌ جي پاڻي مان آباد نه ڪيو ويندو،ڪئنالن واري اشو کي به ڪالاباغ ڊيم وانگر سياسي بڻائڻ سان ريگستان،جبل آباد نه ٿي سگهندا،هن چيو ته اسان پ پ جي دوستن کي چولستان جو دورو ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون،پي ٽي آءِ جي عمير نيازي چيو ته ملڪ ۾ هڪ سوچ آهي ته ماڻهن کي پنهنجي مرضي سان هلائڻو آهي،پاڻي واري اشو تي به ايئن ٿي رهيو آهي،عمران خان کي ڀينرن سان ملاقات ڪرڻ نٿي ڏني وڃي،پاڪستان ۾ هن وقت شهري آزادي نالي ڪا شئي ناهي،سنڌ ۾ احتجاج کانپوءِ پ پ وارا جاڳيا آهن،پ پ جي آغا رفيع الله چيو ته پ پ جي ڪري حڪومت هلي رهي آهي،اسان ساٿ ڇڏيو ته حڪومت نه رهندي،پ پ ڪئنالن جي اشو تي پنهنجي ماڻهن کي سنڀالي ويٺي آهي،اسان پاڪستان جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي،هن چيو ته ڪئنال به ڪالاباغ ڊيم وانگر دفن ٿي ويندا،سنڌ ۾ ووٽر اسان کان سخت پڇاڻو پيا ڪن،