پيپلز پارٽي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ چاهي ٿي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، نور نبي پليجو، مرڪزي اڳواڻ ماهه نور ملاح ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي مختلف طريقن سان سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، پر سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي مڪر کي سڃاڻي چڪي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا رد ڪرائڻ تائين جدوجهد جاري رکندي. هنن چيو ته پنجاب جا حڪمران 1853ع کان سنڌ جو پاڻي چورائي رهيا آهن. ٻي پاسي قمبر ۾ عورت استاد صدف حاصلو جي ناحق قتل جي شديد لفظن ۾ مذّمت ڪندي اڳواڻن چيو ته صدف حاصلو جي قتل جي ذميوار پيپلز پارٽي جي جاگيردار نواز حڪومت آهي، پيپلز پارٽي جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري عورتن کي زوري شادين جي زنجيرن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.