لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن هٿان واپاري قتل

لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ واپاري قتل. ان ڏس ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد معظم ڪالوني ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري اسٽيٽ ايجنسي جو ڪاروبار ڪندڙ 45 ورهين جي الطاف پٽ نبن عباسي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي علائقي واسين پوليس جي مدد سان کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي واپاري زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول جي ڀائٽي ڪامران عباسي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني نه آهي، خبر نه آهي ته مقتول چاچي کي ڪنهن ۽ ڇا لاءِ قتل ڪري اسان سان اهڙو ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.