درياهه، ڌرتي ۽ انقلابن جا فيصلا عدالتن ۾ نه ٿيندا آهن:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پيادل مارچ ،ريلين ۽ جلسن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، 10 اپريل تي ميرواھ گورچاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪرڙ ريٻاڙي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي، ساڳي ڏينهن تي ھمايوني شريف ۾ ريلي ڪڍي ويندي، 12 اپريل تي ڊڀو موري اسٽاپ کان موالي موري اسٽاپ تائين 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويندو، ساڳي ڏينهن شڪارپور جي ھزاريدر چوڪ کان لکيدر گھنٽا گھر تائين ريلي ڪڍي ويندي، 13 اپريل تي رتي ديري ۾ ريلي ڪڍي ويندي،14 اپريل تي ٻھارا شهر ۾ ريلي ڪڍي ويندي،15 اپريل کان 19 اپريل تائين ڀٽ شاھ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پنجن ڏينهن جو پيادل شارٽ مارچ ڪيو ويندو، 18 اپريل تي چمبڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ريلي ڪڍي جلسي عام ڪيو ويندو، 20 اپريل تي نندو شهر ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جلسي عام ڪيو ويندو، 24 اپريل تي مويا شھر ۾ درياھ بچايو جلسي عام ڪيو ويندو جنھن جو مھمان خاص اياز لطيف پليجو ھوندو، 27 اپريل تي نئين ديري کان لاڙڪاڻي پريس ڪلب تائين 21 ڪلوميٽر پيادل شارٽ مارچ ڪيو ويندو.قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته درياهه، ڌرتي ۽ انقلابن جا فيصلا ڪورٽن ۽ اسٽيز سان نه ميدانن ۾ مقابلن سان ڪبا آھن. سنڌ دوکن ۽ اٽڪلن کي رد ڪري ٿي،هن چيو ته تون اسان سنڌين جو پاڻي کسيندين، اسان پاڻي تي جنگ ڪنداسين ڪئنالن واري معاملي تي پ پ پ کي ڪوڙ ڳالھائيندي ڪا ڦڪائي به نٿي ٿئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.