ادارن تي اربين رپيا خرچ ٿين پيا پر اهي ٻئي ڪم ۾ مشغول آهن:مخالف ڌر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب کي ڳالهائڻ جي اجازت نہ ملڻ تي ميمبرن احتجاج ڪيو. ميمبرن اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سردار اياز صادق جي صدارت ۾ شروع ٿيو، اجلاس دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير جي والدہ ۽ دهشت گردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ مغفرت جي دعا ڪرائي وئي، مولانا عبدالغفور حیدري دعا ڪرائي. سوالن جي وقفي دورانپاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر سليم الرحمن چيو ته سوات جي غريب ماڻهن تي مردان ۾ حملو ڪيو ويو، هي پهريون ڀيرو آهي جو پنهنجن ماڻهن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومتي وزير ان ماڻهن کي دهشت گرد قرار ڏيڻ جو ڊرامو ڪيو، مان هن واقعي جي مذمت ڪرڻ چاهيان ٿو، حڪومت کي پنهنجي غلطين کي تسليم ڪري معافي وٺڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي مجاهد علي چيو ته مردان حملن جي جوڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، حڪومت انهن شهيدن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري، انهن ماڻهن کي بي رحمي سان شهيد ڪيو ويو. گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري ايوان ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو ته مردان ڊرون حملو مڪمل ثبوتن سان ڪيو ويو، ان حملي دوران ڪيترن دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ مملڪتي وزير جي تقرير دوران نڪتي اعتراض طلب ڪيو، پر اسپيڪر قومي اسيمبلي فلور ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي مخالف ڌر جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪيو. طلال چوڌري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته پگهار پڇڻ وارن کان پڇو ته ڪنهن جون ڪيتريون قربانيون آهن، 18 هين ترميم کان پوء امن  امان جي ذميواري ڪهڙي جي آهي؟ هن چيو ته دهشت گردي جو خاتمو ميان نواز شريف جي دور ۾ ڪيو ويو، پر افسوس آهي ته پي ٽي آءِ انهن دهشتگردن کي واپس آباد ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر پختونخوا جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪبر خان قومي اسيمبلي ۾ اظهار خيال ڪندي چيو ته اسان پنهنجو پيٽ ڪاٽي سيڪيورٽي ادارن تي خرچ ڪندا آهيون، ادارا اسان جي حفاظت ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مشغول آهن، انهن جو ڪم حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ناهي، انهن جو ڪم زراعت، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ٻيا ڪم نه آهن. هن چيو ته دهشت گرد افغانستان کان پاڪستان ئي ڇو ايندا آهن، ڪنهن ٻئي هنڌ ڇو نه ٿا وڃن ٿا، ڇا اسان سيڪيورٽي ادارن تي اربين ۽ کربين روپيا خرچ نٿا ڪريون؟ جيڪڏهن اسان پارليامينٽ ۾ اها ڳالهه نٿا ڪري سگهون ته اسان ڪٿي ڪنداسين؟ توهان اسان جا والدين نٿا آهيو، مان تنقيد ضرور ڪندس. اسپيڪر اياز صادق جنيد اڪبر کي خطاب ڪندي چيو ته توهان وڏي سٺي ڳالهه ڪئي، افسوس آهي توهان قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ نه آيا. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته جناب اسپيڪر، مون کي اسيمبلي عملي کان شڪايت آهي، مون سوال جمع ڪرايا هئا پر اڃا تائين سوالن جي وقفي تي ناهي آيا، ڇا مون کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي؟ هن چيو ته مون فورسز کي ملڻ واري گاڏين ۽ پلاٽن بابت سوال ڪيو هو، جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي چيو ته توهان کي سڀ تفصيل سڀاڻي تائين ملي ويندو. اصرار باوجود اسپيڪر عمر ايوب کي فلور نه ڏنو، جنهن تي عمر ايوب، بئرسٽر گوهر، محمود اچڪزئي ۽ ٻيا اسپيڪر ڊائس جي اڳيان گڏ ٿي ويا. ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.