ڪئنال رٿا رد ڪرڻ تائين احتجاج جاري رهندو: زين شاهه

سڪرنڊ(رپورٽ راج ڪماراوڏ) سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ سڪرنڊ پاران قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي ڇهن ڪئنالن خلاف دستخطي مهم ڪئمپ قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ ماڻھن جي وڏي انگ صحيحون ڪري اهو پيغام ڏنو ته سرسبز ۽ زرخيز سنڌ کي سڪائي پنجاب جي چولستان وارين خشڪ زمينن کي آباد ڪرڻ سنڌ سان ويساھ گهاتي آهي، جيڪا قبول ناهي. ان موقعي درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته صدر آصف زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيستائين اهو فيصلو واپس نه ورتو ويندو سنڌ جو عوام احتجاج جاري رکندو. هن چيو ته سنڌ  جي عوام ڪئنالن خلاف صحيحون ڪري عالمي فورم تي پنهنجي راءِ جو اظھار ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته ڪينالن واري مسئلي تي گذريل 8 مهينن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون هن وقت عوام ۾ اُڀار پيدا ٿي چڪو آهي ان شاء الله ڪينالن وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين سنڌ جا ماڻھو سُک سان نه ويهندا، نتيجا ويجها نظر اچي رهيا آهن بس ٿوري جدوجهد جي ضرورت آهي سڪرنڊ مان لکين ماڻھن جون صحيحون هئڻ گهرجن ان موقعي تي ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو ، حافظ ذين ڀٽو پڻ خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.