سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪئنالن لاءِ ارسا سرٽيفڪيٽ تي منع نامو جاري

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙجڪ، چولستان ۽ ٿل ڪينال جي تعمير لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي منع نامو جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ارسا جي جوڙجڪ ۽ ڪئنالن جي تعمير لاءِ پاڻي جي دستيابي جي سرٽيفڪيٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وفاقي حڪومت  جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي عدالت وفاقي حڪومت کان 18 اپريل تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر جي مقرري ناهي ڪئي وئي، ارسا جي جوڙجڪ غيرقانوني آهي، درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته غيرقانوني جوڙجڪ کان پوءِ ارسا جا جاري ڪيل سمورا فيصلا غير قانوني آهن، ارسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪينال جي تعمير لاءِ پاڻي جي فراهمي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته قانوني طور تي ارسا جي سرٽيفڪيٽ جي خلاف عدالتي منع نامي کان پوءِ ڪئنالن تي تعميراتي ڪم روڪڻ گهرجي. لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته مسئلي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي فراهمي بابت جاري سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي، درخواست گذار جي وڪيل موجب سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي چولستان واري علائقي کي لنڪ ڪينال ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻو آهي, ڏٺو وڃي ته درخواست گذار جو موقف درست آهي. سنڌ ها۽ ڪورٽ جي فيصلي موجب ارسا ۾ وفاقي ميمبر جو تعلق سنڌ سان هوندو آهي, موجوده وفاقي ميمبر جو تعلق سنڌ صوبي سان ناهي, ارسا جي موجوده جوڙ جڪ سنگين مسئلي جو شڪار آهي, آرٽيڪل 155 ماهرن جي مقرري سميت مسئلي جو حل فراهم ڪري ٿو, عدالتي پڇاڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل  سنڌ ٻڌايو ته اهيو آپشن استعمال ڪري چڪا آهيون. عدالت ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر نه ڪرڻ تي پاڻي ذخيرن واري سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ٻنهي آفيسرن کي 7 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.  عدالت تحريري حڪم نامي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وڪيلن پاران لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لا۽ مهلت طلب ڪئي آهي, وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي جواب جمع ڪرائڻ لا۽ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني ٿي وڃي, ڌريون دستاويزن جي ڪاپي درخواست گذار جي وڪيل کي فراهم ڪن. درخواست گذار جي وڪيل ۽ پ پ اڳواڻ ضمير گهمرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪئنالن جي اڏاوت ممڪن نه ٿيندي. ياد رهي ته ارسا 25 جنوري تي چولستان ۽ ٿل ڪئنال جي تعمير لاءِ واٽر سپلاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو.  ٻئي طرف عدالت ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر مقرر نه ڪرڻ تي پاڻي ۽ آبي ذخيرن واري سيڪريٽري ۽ وفاقي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ٻنهي آفيسرن کي 7 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.